bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ephesians 4
Ephesians 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 5 →
1
تنهنڪري آءٌ، جيڪو خداوند عيسيٰ جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ خدا اوهان کي سڏيو آهي، اهڙي ئي لائق زندگي گذاريو.
2
مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو.
3
جيئن تہ پاڪ روح اوهان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري دل سان ڪوشش ڪريو تہ هڪٻئي سان ميل ميلاپ جي ٻنڌڻ وسيلي ٻڌل رهو.
4
ڏسو، هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.
5
هڪڙو ئي خداوند ، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي.
6
هڪڙو ئي خدا آهي، جيڪو سڀني جو پيءُ آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.
7
انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا فضل عطا ڪيو آهي.
8
انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“
9
هاڻي مسيح جي مٿي چڙهي وڃڻ جو مطلب هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي تہ هو هيٺ زمين تي بہ لٿو.
10
هو جيڪو هيٺ لٿو سو اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو سڀني آسمانن کان مٿي عرش عظيم تي چڙهي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان توڙي زمين کي پاڻ سان ڀرپور ڪري.
11
مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول ، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.
12
مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهو خدمت جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس بدن يعني ڪليسيا جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.
13
ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون،
14
تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.
15
پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو ڪليسيا جو مٿو آهي.
16
انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.
17
جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.
18
اهڙي زندگي گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.
19
اهي ايترا تہ بيشرم ٿي چڪا آهن جو پاڻ کي عياشيءَ جي حوالي ڪيو اٿن. اهڙيءَ طرح هو هر قسم جا گندا ڪم گھڻي حرص سان ڪندا رهن ٿا.
20
پر مسيح کي اوهان اهڙو ڪين ڄاتو آهي.
21
اوهان تہ مسيح بابت پيغام ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي تعليم هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.
22
اها تعليم هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو
23
۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو.
24
ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا خدا ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ سان پيدا ڪيل آهي.
25
تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ ايمان وارا هڪ ئي بدن جا عضوا آهيون.
26
جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.
27
ابليس کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو.
28
چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.
29
اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.
30
انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.
31
هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.
32
هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6