bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ephesians 5
Ephesians 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 6 →
1
مطلب تہ اوهين خدا جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.
2
اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.
3
جيئن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مناسب آهي، تيئن اوهان ۾ زناڪاري، ڪنهن بہ قسم جي حرامڪاري يا لالچ جو نالو بہ نہ هئڻ کپي.
4
انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بيشرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.
5
ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بتپرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.
6
خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
7
تنهنڪري اوهين انهن سان شريڪ نہ ٿيو.
8
ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،
9
ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.
10
اهڙي زندگي گذاريندي اوهين پرکيندا رهو تہ خداوند عيسيٰ کي ڪهڙي ڳالهہ پسند آهي.
11
اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو،
12
ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.
13
پر سڀڪا شيءِ جيڪا ملامت هيٺ اچي ٿي سا انهيءَ روشنيءَ جي ڪري پڌري ٿي پوي ٿي،
14
ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“
15
تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر
16
نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي.
17
انهيءَ ڪري نادان نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي مرضي ڪهڙي آهي.
18
مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بياحتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.
20
هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.
21
مسيح جي ادب جي ڪري اوهين هڪٻئي جي تابع رهو.
22
تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون،
23
ڇاڪاڻ تہ مڙس زال جو مٿو آهي، جيئن مسيح پنهنجي بدن يعني ڪليسيا جو مٿو ۽ ان جو بچائيندڙ آهي.
24
سو جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ گھرجي.
25
ساڳيءَ طرح اي مڙسؤ! اوهين پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.
26
هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن ڪليسيا کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان غسل ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پاڪ بڻائي.
27
هن جو مقصد هو تہ هڪڙي اهڙي شاندار ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گھنج يا اهڙي ڪا ٻي شيءِ نہ هجي، بلڪ اها پاڪ ۽ بيعيب هجي.
28
سو مڙسن کي بہ پنهنجين زالن سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن جسمن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجيءَ زال سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.
29
ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي جسم کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو،
30
ڇاڪاڻ تہ اها سندس بدن آهي ۽ اسين انهيءَ بدن جا عضوا آهيون.
31
زال مڙس بابت پاڪ ڪلام ۾ انهيءَ ڪري ئي لکيو ويو آهي تہ ”مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو ۽ ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا.“
32
اهو هڪڙو وڏو راز آهي. پر هتي آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آهي.
33
اهو اوهان سان بہ واسطو رکي ٿو تہ اوهان مان هر هڪ مڙس کي پنهنجيءَ زال سان اهڙو پيار ڪرڻ گھرجي جهڙو پيار هو پاڻ سان ٿو ڪري ۽ زال کي بہ پنهنجي مڙس جو ادب ڪرڻ گھرجي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6