bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ephesians 6
Ephesians 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
1
اي ٻارؤ! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جا فرمانبردار رهو، ڇو تہ ائين ڪرڻ واجب آهي.
2
پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو.“ هي پهريون حڪم آهي جنهن سان هي واعدو بہ شامل آهي:
3
”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيئرا رهو.“
4
اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.
5
اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن دنياوي مالڪن جا بہ صافدليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو.
6
انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر مسيح جي غلام جي حيثيت ۾ دل سان خدمت ڪندي خدا جي مرضي پوري ڪريو.
7
هائو، دل وَ جان سان اهڙيءَ طرح خدمت ڪريو، جو ڄڻ تہ ماڻهن جي نہ پر خداوند عيسيٰ جي خدمت ٿا ڪريو.
8
اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو غلام هجي توڙي آزاد، جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو تنهن جو اجر خداوند عيسيٰ کان ملندس.
9
اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آسمان تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.
10
انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.
11
خدا جا سڀ هٿيار ٻڌو، تہ جيئن ابليس جي سازشن جو مقابلو ڪندي قائم رهي سگھو.
12
ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي.
13
تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو.
14
تہ پوءِ ثابت قدم رهو، چيلهہ سان سچ جو سندرو ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جو لوهي سينابند ڍڪيو.
15
پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو.
16
انهن سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنهن سان اوهين انهيءَ بدڪار يعني شيطان جي سڀني ٻرندڙ تيرن کي اُجھائي سگھو.
17
پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو.
18
پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.
19
منهنجي لاءِ بہ دعا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي قدرت وارا لفظ عطا ڪيا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.
20
انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. دعا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.
21
تخڪُس، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آهي، سو اوهان کي منهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين بہ منهنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان.
22
آءٌ هن کي اوهان ڏانهن انهيءَ مقصد لاءِ موڪلي رهيو آهيان تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ اسين ڪيئن آهيون ۽ اهو بہ تہ جيئن هو اوهان جي دلين کي همتائي.
23
خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي سلامتي هجي ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.
24
شل انهن سڀني تي فضل ٿيندو رهي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
All chapters:
1
2
3
4
5
6