bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezra 3
Ezra 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 4 →
1
ستين مهيني جي اچڻ تائين سڀ بني اسرائيل پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. پوءِ ان مهيني ۾ سڀ ماڻهو يڪمشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.
2
تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن ، زربابل ولد سالتيايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.
3
انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کان ڊڄڻ جي باوجود، هنن قربانگاهہ کي ساڳيءَ ئي جاءِ تي وري تعمير ڪيو ۽ ان تي خداوند لاءِ صبح ۽ شام واريون روزاني جون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪرڻ لڳا.
4
هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.
5
انهن کان علاوہ هنن روزانو جون ساڙڻ واريون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون ساڙيون ويندڙ قربانيون پيش ڪيون ۽ اهي قربانيون بہ پيش ڪيون جيڪي خداوند جي سڀني مقرر ٿيل پاڪ ڏينهن تي ڪبيون هيون ۽ اهي پڻ پيش ڪيائون جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان آنديون هئائون.
6
ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ قربانيون ساڙڻ لڳا، توڙي جو خداوند جي هيڪل جو اڃا بنياد بہ نہ وڌو هئائون.
7
پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.
8
يروشلم شهر ۾ هيڪل جي جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾ زربابل، يشوع، ڪاهن ، لاوي ۽ سندن ٻيا همقوم، يعني اهي سڀ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي يروشلم ۾ آيا هئا تن ڪم شروع ڪري ڏنو. جيڪي لاوي ويهن سالن جا يا انهيءَ کان وڏيءَ عمر جا هئا تن کي هنن هيڪل جي تعمير جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.
9
تنهن کان سواءِ لاوي قبيلي مان يشوع پنهنجي پٽن ۽ مٽن مائٽن سميت، هوداوياہ جي نسل مان قدميايل ۽ سندس پُٽَ، اهي سڀ هڪ ٿي خدا جي گھر ۾ ڪم ڪندڙن جي نظرداري ڪرڻ لڳا. لاوي قبيلي مان بني حنداد گھراڻي وارا پڻ ساڻن گڏ نظرداري ڪرڻ لڳا.
10
جڏهن رازا خداوند جي گھر جو بنياد وجھي رهيا هئا تڏهن ڪاهن پنهنجيون پوشاڪون پهري شرناين سان ۽ لاوي جيڪي آسف جو اولاد هئا، سي ٽلين سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خداوند جو حمد ڪرڻ لاءِ اُٿي بيٺا، جيئن بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ترتيب مقرر ڪئي هئي.
11
هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ” خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو.
12
پر گھڻا ئي وڏي عمر وارا ڪاهن ، لاوي ۽ گھراڻن جا وڏا جن پنهنجي اکين سان خداوند جي اڳئين هيڪل ڏٺي هئي سي رڙيون ڪري روئڻ لڳا، جڏهن تہ ٻين گھڻن ئي خوشيءَ وچان واڪا ٿي ڪيا.
13
وڏي شور هئڻ ڪري ماڻهو خوشيءَ جي آوازن ۽ روئڻ جي آوازن جو فرق نہ سمجھي سگھيا. اهو شور پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
Recommended Reading
Commentary
Ezra Commentaries
→
Devotional
Ezra Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→