bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezra 5
Ezra 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 6 →
1
تن ڏينهن ۾ حجي نبي ۽ زڪرياہ نبي جيڪو عدوءَ جي اولاد مان هو، سي يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ ۾ رهندڙ يهودين کي بني اسرائيل جي خدا جي نالي ۾ پيغام ڏيڻ لڳا.
2
تڏهن زربابل ولد سالتيايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.
3
انهيءَ دوران اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جو گورنر تتني ۽ شتر بوزني ۽ انهن جا ساٿي وٽن آيا ۽ کانئن پڇيائون تہ ”هن عبادتگاهہ ۽ انهيءَ جي ڀتين کي وري تعمير ڪرڻ جو اختيار اوهان کي ڪنهن ڏنو آهي؟“
4
هنن اهو بہ کانئن پڇيو تہ ”هن عمارت کي وري تعمير ڪرائيندڙن جا نالا ڇا آهن؟“
5
پر يهودي اڳواڻن تي پنهنجي خدا جي نظر هئي، سو انهن عملدارن يهودين کي تيستائين نہ روڪيو، جيستائين اهو معاملو دارا شهنشاهہ تائين پهتو ۽ انهيءَ کان لکت ۾ موٽ نہ ملين.
6
جيڪو خط اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ سندس ساٿي عملدارن دارا شهنشاهہ ڏانهن موڪليو هو، تنهن جو متن هي آهي تہ
7
”بخدمت دارا شهنشاهہ سلامت،
8
شهنشاهہ سلامت کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ علائقي ۾ خدا تعاليٰ جي گھر ڏانهن وياسين. اتي ڏٺوسون تہ ماڻهو ان گھر کي وڏن وڏن پٿرن سان تعمير پيا ڪن ۽ سندس ڀتين ۾ ڪاٺ پئي وڌائون. انهن جي اڳواڻن جي هدايتن هيٺ ڪم وڏي سوچ ويچار ۽ تيزيءَ سان ٿيندو پيو وڃي.
9
تڏهن اسان انهن اڳواڻن کان پڇا ڪئي تہ ’هن عمارت ۽ انهيءَ جي ڀتين کي وري تعمير ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي اختيار ڏنو آهي؟‘
10
اسان انهن کان سندن نالا بہ پڇيا تہ جيئن اهي نالا اوهان ڏانهن لکي موڪليون.
11
تنهن تي هنن جيڪا اسان کي ورندي ڏني سا هيءَ آهي تہ ’اسين زمين ۽ آسمان جي خدا جا ٻانها آهيون ۽ انهيءَ ئي گھر جي وري تعمير ٿا ڪريون جيڪو اڄ کان گھڻا ئي سال اڳ بني اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ تعمير ڪرايو هو.
12
پر پوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن هن کين بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن خدا جي هن گھر کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪري وٺي ويو.
13
پر شهنشاهہ خورس جي بابل تي شاهيءَ جي پهرئين سال ۾ هن گھر کي وري تعمير ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين.
14
خدا جي هيڪل جا سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل واري پوڄا گھر ڏانهن کڻي ويو هو، سي بہ خورس شهنشاهہ بابل جي پوڄا گھر مان ڪڍي هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا جنهن جو نالو شيسبضر هو، جنهن کي هن يهوداہ جو گورنر مقرر ڪيو هو.
15
شهنشاهہ کيس چيو هو تہ هو وڃي يروشلم ۾ خدا جو گھر پنهنجي اصلي جاءِ تي وري تعمير ڪري ۽ اهي ٿانوَ انهيءَ ۾ کڻي رکي.
16
تڏهن انهيءَ شيسبضر اچي يروشلم ۾ خدا جي گھر جو بنياد وڌو. انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي تعمير ٿيو آهي پر اڃا مڪمل نہ ٿي سگھيو آهي.‘
17
تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن شهنشاهہ مهربانيءَ جي نظر ڪري ۽ بابل واري شاهي دفتر ۾ جاچ ڪرائي تہ شهنشاهہ خورس يروشلم ۾ خدا جي گھر جي وري تعمير جو حڪم جاري ڪيو هو يا نہ. پوءِ اوهين اسان ڏانهن ان بابت پنهنجو فيصلو ڏياري موڪليو.“
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10