bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Ezra 7
Ezra 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 8 →
1
انهن ڳالهين کان ڪيترائي سال پوءِ فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي شاهيءَ جي ڏينهن ۾ هڪ شخص عزرا ولد سراياہ ولد عزرياہ ولد خلقياہ
2
ولد سلوم ولد صدوق ولد اخيطوب
3
ولد امرياہ ولد عزرياہ ولد مرايوت
4
ولد زراخياہ ولد عُزي ولد بُقي
5
ولد ابيسوع ولد فينحاس ولد اليعزر ولد هارون سردار ڪاهن
6
بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند ، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو.
7
سو ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ستين سال ڪجھہ بني اسرائيل جن ۾ ڪاهن ، لاوي ، هيڪل جا ڳائڻا، دربان ۽ خدمتگار شامل هئا، سي پڻ عزرا سان گڏ يروشلم ۾ آيا.
8
اهي بابل کان پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي روانا ٿيا ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي پهتا، ڇاڪاڻ تہ سندن خدا جو فضل ڀريو هٿ مٿن هو.
10
اهو انهيءَ ڪري هو جو عزرا خداوند جي شريعت جي مطالعي ڪرڻ، مٿس عمل ڪرڻ ۽ بني اسرائيل ۾ قاعدن قانونن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.
11
عزرا ڪاهن ۽ عالم هو ۽ انهن قاعدن قانونن جو چڱو ڄاڻو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل کي ڏنا هئا. شهنشاهہ ارتخششتا عزرا کي هڪ اختياريءَ جو خط ڏنو جنهن جو متن هي آهي تہ
12
شهنشاهہ ارتخششتا جي طرفان عزرا ڪاهن ڏانهن سلام، جيڪو عرش عظيم جي خدا جي شريعت جو وڏو عالم آهي،
13
آءٌ حڪم ٿو جاري ڪريان تہ منهنجي شهنشاهت مان بني اسرائيل جا ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت جيڪي بہ تو سان گڏ يروشلم ڏانهن وڃڻ گھرن سي ڀلي وڃن.
14
هاڻي آءٌ ۽ منهنجا ست مشير تو کي چئون ٿا تہ تون يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ وڃي اهو معلوم ڪر تہ خدا جي شريعت جنهن جو تون عالم آهين، تنهن جي ڪيتري قدر اطاعت ڪئي وڃي ٿي.
15
انهيءَ کان سواءِ تون پاڻ سان سون ۽ چاندي بہ کڻي وڃ جيڪا مون ۽ منهنجي مشيرن خوشيءَ سان بني اسرائيل جي خدا لاءِ ڏني آهي، جنهن جو گھر يروشلم ۾ آهي.
16
ٻيو جيڪو بہ سون ۽ چاندي تو کي بابل مان ملي، ۽ جيڪي نذرانا ڪاهن ۽ ماڻهو خوشيءَ سان پنهنجي خدا جي گھر جي لاءِ ڏين سي پڻ يروشلم ڏانهن کڻي وڃ.
17
انهيءَ رقم مان ڍڳا، گھٽا، گھيٽا ۽ اناج جي قربانين سان گڏ اوتڻ وارين قربانين جو سامان خريد ڪج ۽ اُهي يروشلم ۾ کڻي وڃي پنهنجي خدا جي گھر جي قربانگاهہ تي قربان ڪج.
18
باقي جيڪو سون ۽ چاندي بچي سو پنهنجي خدا جي مرضيءَ موجب، جيئن تو کي ۽ تنهنجي همقوم ڀائرن کي مناسب نظر اچي تيئن ڪم آڻجو.
19
جيڪي ٿانوَ تنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمت لاءِ تو کي ڏنا ويا آهن، سي تون يروشلم ۾ خدا جي حضور ۾ ڏيئي ڇڏج.
20
ٻيو بہ جيڪي ڪجھہ وڌيڪ تنهنجي خدا جي گھر لاءِ گھربل هجي ۽ تو کي ڏيڻو هجي سو ڀلي شاهي خزاني مان وٺي ڏج.
21
آءٌ انهن خزانچين ڏانهن هي حڪم جاري ڪريان ٿو جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا، تہ ”عرش عظيم جي خدا جي شريعت جي عالم عزرا ڪاهن کي جيڪي بہ گھرجي سو اوهين سعيو ڪري کيس مهيا ڪري ڏجو.
22
اوهين ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي، ڏهہ هزار ڪلوگرام ڪڻڪ، ٻہ هزار ليٽر مئي ۽ ٻہ هزار ليٽر زيتون جو تيل ۽ بيانداز لوڻ ڏجو.
23
جيڪي بہ عرش عظيم جي خدا حڪم ڪيو آهي سو سندس گھر لاءِ ڌيان سان ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي شهنشاهت ۽ منهنجي پٽن تي خدا جو ڪو غضب نازل نہ ٿئي.
24
اوهان کي اهو بہ معلوم هجي تہ ڪاهنن، لاوين ، خدا جي هيڪل جي ڳائڻن، دربانن ۽ خدمتگارن يا هيڪل سان واسطي رکندڙن مان ڪنهن تي بہ ڪا ڍل، ٽيڪس يا چونگي ناهي مڙهڻي.“
25
اي عزرا! پنهنجي خدا جي حڪمت موجب جيڪا تو کي مليل آهي، تون منتظمَ ۽ ججَ مقرر ڪر. اهي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي انهن ماڻهن جو انصاف ڪن جيڪي تنهنجي خدا جي شريعت کي مڃين ٿا. پر جنهن کي شريعت جي ڄاڻ نہ هجي تنهن کي اوهين سيکاريو.
26
جيڪي بہ تنهنجي خدا جي شريعت ۽ شاهي قانونن تي عمل نہ ڪن تن کي هڪدم موت، جلاوطنيءَ، ملڪيت ضبطيءَ يا قيد جي سزا ڏني وڃي.
27
عزرا چيو تہ ” خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.
28
بلڪ خدا شهنشاهہ، مشيرن ۽ سڀني سگھارن عملدارن جي آڏو منهنجو مان وڌايو آهي. بيشڪ منهنجي خدا جو هٿ مون تي هو، جنهن مون کي همت عطا ڪئي جو مون بني اسرائيل مان ڪجھہ مکيہ ماڻهن کي گڏ ڪيو، تہ جيئن هو مون سان گڏجي هلن.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10