bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Nahum 1
Nahum 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
1
هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.
2
خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.
3
خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.
4
هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.
5
هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي.
6
ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.
7
بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِپناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.
8
پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.
9
اي نينواہ وارؤ! توهين خداوند خلاف ڪهڙا بہ کڻي منصوبا رٿيو، پر هو توهان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏيندو، جو وري اوهان ڪر کڻي نہ سگھندا.
10
جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.
11
اي نينواہ! تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص نڪري نروار ٿيو آهي، جيڪو خداوند جي خلاف منصوبا ٿو رٿي، ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ لاءِ اُڪسائي ٿو.
12
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! توڙي جو نينواہ وارا ڪيترا بہ زورآور ۽ تعداد ۾ گھڻا ڇو نہ هجن، تہ بہ هو تباهہ ۽ ناس ٿي ويندا. جيتوڻيڪ مون اوهان کي ڏک ڏنو آهي، تڏهن بہ هاڻي اوهان کي وڌيڪ ڏکي نہ ڪندس.
13
هاڻ آءٌ هنن جي پاڃاري اوهان جي ڳچيءَ مان لاهي ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا بند ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.“
14
خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ ”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين، تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو. آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين ۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“
15
ڏسو، هنن جبلن ڏانهن نهاريو ۽ انهيءَ ڏانهن ڏسو، جيڪو خوشخبري آڻي ٿو، هائو، جيڪو امن جي خوشخبري آڻي ٿو. اي يهوداہ وارؤ! توهين ڀلي پنهنجيون عيدون ملهايو ۽ باسون پوريون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ اهي بڇڙا توهان تي حملو ڪري نہ سگھندا، ڇو تہ کين هميشہ جي لاءِ ناس ڪيو ويو آهي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3