bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Nahum 2
Nahum 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
1
اي نينواہ! تون ڀلي پنهنجي قلعي جي حفاظت ڪر، ۽ رستي ڏانهن نظر رک، تون ڀلي پنهنجو سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ، ۽ پنهنجي سموري طاقت هڪ هنڌ جمع ڪر. مگر تون بچي نہ سگھندين، ڇو تہ تو کي تباهہ ڪندڙ تو ڏانهن وڌندو ٿو اچي.
2
پر يقيناً خداوند بني اسرائيل جون رونقون اڳي وانگر وري بحال ڪندو، توڙي جو تباهي ڪندڙن کين ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن شاخون وڍي ڇڏيون آهن.
3
اي نينواہ! تنهنجي دشمنن جا لشڪر حملو ڪرڻ وارا آهن، هنن جون ڍالون ڳاڙهيون آهن، ۽ سندن جنگي جوانن کي ڳاڙهي پوشاڪ پهريل آهي. سندن جنگي گھوڙي گاڏين تي لڳل فولاد شعلي جيان چمڪندڙ آهي، ۽ هنن جا نيزا اُڀا ٿيل آهن.
4
هنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ڇوهہ مان رستن تي ڊوڙن ٿيون، چونڪن وٽان هيڏانهن هوڏانهن اچن وڃن ٿيون. اهي گاڏيون ڏسڻ ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر آهن، ۽ وڄ وانگر چمڪن ٿيون.
5
لشڪر جا چونڊ سالار حملي ڪرڻ لاءِ سڏايا وڃن ٿا، اهي جوش وچان ڪاهيندي ٿاٻڙجيو ٿا پون. اهي جلدي جلدي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪوٽ جي لڳولڳ دِڪا ٺاهين ٿا.
6
جڏهن دريائن جا بند ٽوڙيا ٿا وڃن، تڏهن محلاتن ۾ هيبت ۽ ڏهڪاءُ ٿو پکڙجي وڃي.
7
اتي جي راڻيءَ کي بيحرمتو ڪري ۽ قيدي بڻائي نيو وڃي ٿو. راڻيءَ جون ٻانهيون ڳيرين وانگر روئندي ماتم ڪن ٿيون، ۽ پنهنجيون ڇاتيون پٽين ٿيون.
8
نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.
9
چيو وڃي ٿو تہ ”چاندي لٽيو، سون لٽيو، دولت جي ڪا کوٽ ڪونهي ۽ نہ خزانو کٽڻ جو آهي.“
10
هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.
11
هاڻ انهن شينهن جي غار ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن سميت رهندا آهن؟ هائو، اها جاءِ ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن، ۽ جتي کين ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي؟
12
شينهَن پنهنجن ٻچڙن جي کاڌي لاءِ گھڻن ئي کي ماريو آهي، ۽ پنهنجين مادين لاءِ گھڻو ئي شڪار ڪيو اٿن، هنن پنهنجي غار ۽ چُر شڪار سان ڀري ڇڏيون آهن.
13
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجيون گھوڙي گاڏيون ساڙي رک ڪري ڇڏيندس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا جوان تلوار سان ماري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجو ڪيل شڪار تو کان کسيندس. تنهنجي پاران ڌمڪي ڏيندڙن جو آواز اڳتي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ايندو.“
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
Recommended Reading
Commentary
Nahum Commentaries
→
Devotional
Nahum Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→