bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Nahum 3
Nahum 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
1
مصيبت آهي ان خوني شهر لاءِ، جيڪو ڪوڙ ۽ ڦر سان ٽمٽار آهي، جيڪو ڦر ۽ خون خرابي کان باز نہ ٿو اچي.
2
پر هاڻي سندس تباهي ڏسو: ڦٽڪن جا زوڪاٽ، ڦيٿن جا چيڪاٽ، گھوڙن جا هڻڪاٽ ۽ جنگي گھوڙي گاڏين جا ڪڙڪاٽ آهن،
3
سوارن جو گھوڙن تي چڙهڻ، تلوارن جا چمڪاٽ ۽ نيزن جا تجلا، مئلن جا ڍير، بيشمار لاش، ۽ لاشن جي ڍيرن مٿان ماڻهو ٿاٻڙندا ٿا وتن.
4
اهو سڀ ڪجھہ نينواہ ڪڃريءَ جي گھڻي زناڪاريءَ جي ڪري آهي، جيڪا ماهر جادوگرياڻي پڻ آهي، ۽ جنهن قومن کي پنهنجي حسن ۽ بدپيشي سان، ۽ گھراڻن کي پنهنجي جادوءَ سان غلام بڻائي ڇڏيو آهي.
5
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ ڪڃري! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجو دامن تنهنجي ڳچيءَ تائين مٿي کڻي قومن کي تنهنجي اوگھڙ ۽ بادشاهتن کي تنهنجو شرم ڏيکاريندس.
6
آءٌ تو تي گند ڪچرو اڇلائيندس ۽ تو کي خوار خراب ڪندس، هائو، آءٌ تو کي ٻين لاءِ تماشو بڻائي ڇڏيندس.
7
پوءِ جيڪو بہ تو کي ڏسندو سو تو کان ڀڄي پري ٿيندو، ۽ چوندو تہ ’ڏسو، نينواہ تہ کنڊر بڻجي ويو آهي. ڪير ان تي ترس کائيندو؟ ڪير آهي جيڪو هن کي دلاسو ڏئي؟‘“
8
اي نينواہ! ڇا تون مصر جي گاديءَ جي شهر نوآمون کان بہ بهتر آهين، جنهن جي چوڌاري بہ تو وانگر بچاءُ لاءِ پاڻي ڇڏيل هو؟ هائو، اهو نيل نديءَ جي ڪناري تي آباد هو، ۽ ندي ئي ان جو بچاءُ ۽ پاڻي ئي سندس ديوار هئي.
9
سوڊان ۽ مصر ان جي بيانتها طاقت جا مظهر هئا، ۽ ان جي اتحادين مان لبيا بہ هڪ هو.
10
تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.
11
اي نينواہ! تون بہ ڪنهن نشئيءَ جيان سڪتي ۾ اچي ويندين، ۽ پوءِ دشمن جي ڊپ کان پناهہ جون جايون ڳوليندين.
12
تنهنجا سڀيئي قلعا انجيرن جي انهن وڻن وانگر آهن، جن ۾ سڀ پڪل انجير هجن، ۽ جڏهن انهن وڻن کي لوڏيو وڃي تہ انهن جا انجير کائيندڙن جي وات ۾ اچي ڪرن.
13
پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.
14
ڀلي دشمنن جي گھيري جي وقت پنهنجي لاءِ پاڻي ڪٺو ڪر. ڀلي مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرون ٺاهڻ لاءِ ڪالب تيار ڪر، تہ جيئن تنهنجا قلعا مضبوط ٿين.
15
پر تڏهن بہ اُتي باهہ تو کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي، ۽ تلوار تو کي ڪپي ڇڏيندي. تنهنجي لشڪر کي ائين کائي چٽ ڪيو ويندو، جيئن ماڪڙ کائيندي آهي. تون تہ ماڪڙ وانگر وڌي ويو آهين.
16
تو پنهنجي سوداگرن جو انگ وڌائي ڇڏيو آهي، ايستائين جو اهي ستارن کان بہ گھڻا ٿي ويا آهن، پر اهي بہ ماڪڙ وانگر تنهنجو فصل کائي اڏامي ويندا.
17
تنهنجا محافظ ۽ عملدار بہ ماڪڙ جي ڪٽڪن وانگر آهن، جيڪي ٿڌ جي وقت لوڙهن ۾ رهن ٿا، پر جڏهن اس لڳين ٿي تہ اڏامي ٿا وڃن ۽ ڪوبہ نہ ڄاڻندو آهي تہ ڪيڏانهن ٿا وڃن.
18
اي اشور جا شهنشاهہ! تنهنجا گورنر ماريا ويا آهن، ۽ تنهنجي اميرن کي موت جي ننڊ وٺي ويئي آهي. تنهنجي رعيت جبلن تي ڪڻو ڪڻو ٿي ويئي آهي، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو انهن کي گڏ ڪري.
19
تنهنجي زخم جو ڪوبہ علاج ڪونهي، ڇوجو تنهنجو زخم ناسور ٿي ويو آهي. جيڪو بہ تنهنجي باري ۾ ٻڌي ٿو، سو تنهنجي زوال تي خوشيءَ مان تاڙيون ٿو وڄائي، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ناهي، جيڪو تنهنجي ظلم جو نشانو نہ بڻيو هجي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
All chapters:
1
2
3
Recommended Reading
Commentary
Nahum Commentaries
→
Devotional
Nahum Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→