bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Nehemiah 10
Nehemiah 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 11 →
1
سڀ کان پهريائين نحمياہ گورنر ولد حڪلياہ تصديق ڪري مهر هنئي. ان کان پوءِ جن ڪاهنن تصديق ڪري مهر هنئي سي هي هئا: صدقياہ،
2
سراياہ، عزرياہ، يرمياہ،
3
فشحور، امرياہ، ملڪياہ،
4
حطوش، سبنياہ، ملوڪ،
5
حارم، مريموت، عبدياہ،
6
دانيال، جِنتون، باروڪ،
7
مسلام، ابياہ، ميامين،
8
معزياہ، بلجي ۽ سمعياہ.
9
جن لاوين تصديق ڪري مهر هنئي سي هي هئا: يشوع ولد ازنياہ، بنوي جيڪو حنداد جي اولاد مان هو، قدميايل
10
سبنياہ، هودياہ، قليطاہ، فلاياہ، حنان،
11
ميڪا، رحوب، حسبياہ،
12
زڪور، سربياہ، سبنياہ،
13
هودياہ، باني ۽ بنينو.
14
قوم جي اڳواڻن جن تصديق ڪري مهر هنئي سي هي هئا: پرعوس، پخت موآب، عيلام، زتو، باني،
15
بني، عزجاد، ببئي،
16
ادونياہ، بگوي، عدين،
17
اطير، حزقياہ، عزور،
18
هودياہ، حاشوم، بضي،
19
خاريف، عنتوت، نوبي،
20
مگفيعاس، مسلام، حزير،
21
مشيزبيل، صدوق، يدوع،
22
فلطياہ، حنان، عناياہ،
23
هوسيع، حنانياہ، حسوب،
24
هلوحيس، فلحا، سوبيق،
25
رحوم، خسبناہ، معسياہ،
26
اخياہ، حنان، عنان،
27
ملوڪ، حارم ۽ بعناہ.
28
اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهن ، لاوي ، هيڪل جا دربان، ڳائڻا ۽ خدمتگار ۽ اُهي سڀ ماڻهو جن خدا جي شريعت خاطر پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين قومن کان پاڻ کي ڌار ڪيو آهي، اسان جون زالون، پٽ، ڌيئرون، پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿي پنهنجي عقل ۽ هوش حواس سان قسم تي چئون ٿا ۽ لکي ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن انهيءَ اقرار جي ڀڃڪڙي ڪريون تہ اسان تي لعنت هجي. ”اسين خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جيڪا خدا جي ٻانهي موسيٰ جي معرفت ڏني ويئي آهي. اسين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي مڃينداسون ۽ انهن تي عمل ڪنداسون.
30
اسين هن ملڪ جي آسپاس وارين قومن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪنداسون.
31
جڏهن آسپاس وارين قومن مان ڪي ماڻهو سبت واري ڏينهن يا ڪنهن ٻئي وڏي ڏينهن تي ڪيبہ شيون يا اناج وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا تہ اسين کانئن نہ وٺنداسون. هر ستين سال اسين زمين ۾ ڪابہ پوکي نہ ڪنداسون ۽ پنهنجا سمورا قرض معاف ڪري ڇڏينداسون.
32
اسان حڪمن مطابق اها ذميواري کڻون ٿا تہ هر سال پنهنجي خداوند جي هيڪل جي خدمت واسطي پنهنجي مال مان هنن ڪمن لاءِ چانديءَ جا چار گرام ڏينداسين:
33
نذراني وارن روٽن لاءِ، روزانو اناج جي قربانيءَ لاءِ، روزانو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، سبت وارن ڏينهن تي قربانين لاءِ، نئين چنڊ وارين عيدن تي قربانين لاءِ، مقرر عيدن تي قربانين لاءِ، بني اسرائيل جي ڪفاري واري قربانيءَ لاءِ، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻي ڪنهن بہ مخصوص قربانيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي هيڪل جي هر قسم جي ڪم لاءِ.
34
اسين سڀيئي ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت هر سال ڪُڻا وجھنداسون، تہ جيئن اهو طئي ڪريون تہ اسان جي گھراڻن مان ڪنهن کي هيڪل ۾ مقرر وقتن تي قربانين لاءِ ڪاٺيون آڻڻيون آهن تہ جيئن خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي شريعت جي لکيت مطابق ساڙيون وڃن.
35
اسين پاڻ تي اها بہ ذميواري کڻون ٿا تہ اسين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار ۽ هر ميويدار وڻ جو پهريون ميوو سال بسال خداوند جي هيڪل ۾ آڻينداسون.
36
جيئن شريعت ۾ لکيل آهي تيئن اسين پنهنجا پهريتا پٽ، پنهنجي چوپائي مال ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمتگار ڪاهنن وٽ آڻينداسون.
37
انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.
38
هارون جي اولاد مان هڪ ڪاهن ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت لاوين سان گڏ هوندو ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو اسان جي خدا جي هيڪل جي گدام ۾ گڏ ڪندا.
39
بني لاوي يا ٻيا بني اسرائيل نذراني طور مليل اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جي پهرين پيداوار کي گدامن ۾ کڻي ايندا، جتي هيڪل جا ٿانوَ رکيل آهن ۽ جتي خدمت ڪرڻ وارا ڪاهن ، دربان ۽ ڳائڻا رهندا آهن. اسين پنهنجي خدا جي هيڪل کي ڇڏي نہ ڏينداسون.“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13