bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Nehemiah 3
Nehemiah 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 4 →
1
سردار ڪاهن الياسب پنهنجي ساٿي ڪاهنن سان گڏجي اتر واري ڀت جو رڍن وارو دروازو وري تعمير ڪيو. هنن انهيءَ کي وقف ڪيو ۽ انهيءَ ۾ طاق لڳايائون. هنن ڀت کي سؤ نالي ٺُلهہ ۽ حننايل ٺُلهہ تائين وقف ڪيو.
2
انهيءَ سان اولهہ طرف وارو لاڳيتو حصو يريحو شهر جي ماڻهن تعمير ڪيو ۽ ان کان پوءِ وارو حصو زڪور ولد اِمريءَ تعمير ڪيو.
3
مڇيءَ وارو دروازو هسناہ جي پٽن تعمير ڪيو. هنن ان مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.
4
ان سان لاڳيتو حصو مريموت ولد اورياہ ولد هقوص مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو مسلام ولد برڪياہ ولد مشيزبيل مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو صدوق ولد بعنہ مرمت ڪيو.
5
ان سان لاڳيتو حصو تقوع جي رهاڪن مرمت ڪيو، پر نگراني ڪندڙن جيڪو ڪم اتان جي اميرن کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، تن انهيءَ ڪم کان انڪار ڪيو.
6
يشانہ دروازي جي مرمت يهويدع ولد فاسخ ۽ مسلام ولد بسودياہ ڪئي. هنن انهيءَ مٿان سردر رکيا، طاق لڳايائون ۽ منجھس هڙڪيون ۽ گز لڳايائون.
7
ان سان لاڳيتو حصو جِبعون ۽ مصفاہ جي ماڻهن جي مدد سان ملطياہ جِبعونيءَ ۽ يدون ميرونوتيءَ مرمت ڪيو. مصفاہ ۾ اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي گورنر جو دفتر هو.
8
ان سان لاڳيتو حصو عزيئيل ولد حرهياہ جيڪو سونارو هو، تنهن مرمت ڪيو. ان سان لاڳيتو حصو حنانياہ جيڪو عطرفروش هو، تنهن ويڪري ڀت تائين مرمت ڪئي.
9
ان سان لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم رفاياہ ولد حور ڪرايو، جيڪو يروشلم جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو.
10
ان جي لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم يداياہ ولد حرومف ڪيو جيڪو سندس گھر جي ويجھو هو. ان سان لاڳيتي حصي جي مرمت حطوش ولد حسبنياہ ڪئي.
11
ملڪياہ ولد حارم ۽ حسوب ولد پخت موآب ان جي لاڳيتي حصي ۽ کورن واري ٺُلهہ جي مرمت ڪئي.
12
ان جي لاڳيتي حصي جي مرمت جو ڪم، يروشلم جي ٻئي اڌ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد هلوحيش پنهنجي ڌيئرن جي مدد سان ڪيو.
13
ماٿريءَ واري دروازي جي نئين سر اڏاوت زنواح شهر جي رهاڪن ۽ حنون گڏجي ڪئي. هنن انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز وڌا. هنن گند واري دروازي تائين اٽڪل ساڍا چار سؤ ميٽر ڀت جي مرمت بہ ڪئي.
14
گند واري دروازي جي نئين سر اڏاوت بيتهڪرم جي ضلعي جي حاڪم ملڪياہ ولد ريڪاب ڪرائي. هن انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز وجھرايا.
15
چشمي واري دروازي جي اڏاوت مصفاہ ضلعي جي حاڪم سلوم ولد ڪلحوزہ ڪرائي. هن ان جي مٿان ڇت وجھرائي ۽ انهيءَ ۾ طاق، هڙڪيون ۽ گز بہ وجھرايا. هن بادشاهہ جي باغ کان وٺي ويندي دائود جي شهر واري ڏاڪڻ تائين شيلا جي تلاءَ واري ڀت جي مرمت پڻ ڪرائي.
16
بيتسور جي اڌ ضلعي جي حاڪم نحمياہ ولد عزبوق ان جي لاڳيتي حصي جي ويندي دائود واري قبرستان، تلاءَ ۽ باريڪن تائين تعمير ڪرائي.
17
انهيءَ کان پوءِ هنن لاوين پڻ مرمت جو ڪم ڪيو. رحوم ولد باني ڀر واري حصي جي مرمت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ حسبياہ، جيڪو قعيلاہ جي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي ضلعي جي طرفان ڀر واري حصي جي مرمت ڪرائي.
18
انهيءَ کان پوءِ بنوي ولد حنداد جيڪو قعيلاہ جي ٻئي اڌ ضلعي جو حاڪم هو، تنهن ڀر واري حصي جي مرمت ڪرائي.
19
انهيءَ کان پوءِ عيزر ولد يشوع جيڪو مصفاہ جو حاڪم هو، تنهن اسلحہخاني جي چاڙهيءَ جي سامهون کان وٺي ويندي ڀت جي وراڻي تائين واري حصي جي مرمت ڪرائي.
20
انهيءَ کان پوءِ باروڪ ولد زبي وراڻي کان وٺي الياسب سردار ڪاهن جي گھر جي در تائين دل وَ جان سان ڀت جي حصي جي مرمت ڪئي.
21
انهيءَ کان پوءِ سردار ڪاهن الياسب جي گھر جي دروازي کان وٺي سندس گھر جي ڇيڙي تائين مريموت ولد اورياہ ولد هقوص مرمت ڪئي.
22
انهيءَ کان پوءِ آسپاس واري علائقي جي ڪاهنن مرمت جو ڪم ڪيو.
23
تنهن کان پوءِ بنيامين ۽ حسوب پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ عزرياہ ولد معسياہ ولد عننياہ پنهنجي گھر جي ڀر واري حصي جي مرمت ڪئي.
24
تنهن کان پوءِ بنوي ولد حنداد ٻئي حصي جي مرمت ڪئي، جيڪو عزرياہ جي گھر کان وٺي ڀت جي موڙ ۽ ڪنڊ تائين هو.
25
ڀت جي موڙ جي سامهون واري حصي جي ۽ جيڪو ٺُلهہ پهري وارن جي پڌر جي ڀر ۾ بادشاهي محل جي مٿئين حصي کان نڪتل آهي، تنهن کان وٺي فلال ولد اوزيءَ ڀت جي تعمير ڪئي. انهيءَ کان پوءِ فداياہ ولد پرعوس
26
۽ خداوند جي گھر جا خدمتگار جيڪي عوفل ٽڪريءَ تي رهندا هئا، تن اوڀر طرف پاڻيءَ واري دروازي ۽ ٻاهر نڪتل ٺُلهہ جي سامهون تائين ڀت جي تعمير ڪئي.
27
انهيءَ کان پوءِ تقوع جي رهاڪن ٻئي حصي جي مرمت ڪئي، جيڪو ٻاهر نڪتل وڏي ٺُلهہ جي سامهون عوفل جي ڀت تائين هو.
28
گھوڙن واري دروازي جي اتر طرف ڪن ڪاهنن پنهنجي پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي.
29
انهن کان پوءِ صدوق ولد امير پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ سمعياہ ولد سڪنياہ مرمت ڪئي، جيڪو اوڀر واري دروازي جو رکوالو هو.
30
انهيءَ کان پوءِ حنانياہ ولد سلمياہ ۽ حنون جيڪو صلف جو ڇهون پٽ هو، تن گڏجي ٻئي حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ مسلام ولد برڪياہ پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي.
31
انهيءَ کان پوءِ ملڪياہ نالي هڪڙي سوناري فوجي حاضريءَ واري دروازي جي سامهون واپارين ۽ خداوند جي گھر جي خدمتگارن جي رهائشگاهہ تائين ۽ ڪنڊ واري برج تائين ڀت جي حصي جي مرمت ڪئي.
32
انهيءَ ڪنڊ واري برج کان رڍن واري دروازي جي وچ واري حصي جي مرمت سونارن ۽ واپارين ڪئي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13