bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Nehemiah 5
Nehemiah 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 6 →
1
پوءِ ڪيترائي مرد ۽ سندن زالون پنهنجن ڪن يهودين خلاف ڏاڍيون دانهون ڪرڻ لڳا.
2
ڪن چيو پئي تہ ”اسين، اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون پاڻ ۾ گھڻا ئي آهيون، سو پنهنجي کائڻ ۽ جيئري رهڻ واسطي اسان کي اناج ملڻ گھرجي.“
3
ٻين چيو پئي تہ ”اسين پنهنجيون ٻنيون، پنهنجا انگورن جا باغ ۽ پنهنجا گھر گروي ٿا رکون، تہ جيئن ڏڪار دوران اناج وٺي سگھون.“
4
اڃا ٻين بہ چيو پئي تہ ”اسان پنهنجين ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي ڍل شهنشاهہ کي ڏيڻ لاءِ پئسا اڌارا ورتا آهن.
5
جيتوڻيڪ اسين پنهنجي هموطنن جو هڏ رت آهيون ۽ اسان جا ٻار بہ هنن جي ٻارن جهڙا آهن، تنهن هوندي بہ اسان کي پنهنجا پٽ ۽ پنهنجيون ڌيئرون غلاميءَ ۾ ڏيڻيون ٿيون پون. اسان جون ڪي ڌيئر تہ اڳي ئي غلاميءَ ۾ آهن، پر کين ڇڏائڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، ڇوجو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا انگورن جا باغ ٻين جي حوالي آهن.“
6
سو جڏهن مون انهن جي واءِويلا ۽ اهي شڪايتون ٻڌيون، تڏهن مون کي ڏاڍو رنج پهتو.
7
مون انهن ڳالهين تي پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو ۽ پوءِ اميرن ۽ اڳواڻن کي تنبيهہ ڪندي چيم تہ ”اوهان مان هر ڪو پنهنجي هموطنن جي ملڪيت گروي ٿو رکي.“ سو مون هڪ وڏي عام گڏجاڻي ڪوٺائي تہ جيئن هنن سان منهن ڏجي.
8
مون کين چيو تہ ”جيتري قدر ٿي سگھيو آهي تہ اسان پنهنجن ڪن يهودين کي پئسن سان ڇڏايو آهي، جيڪي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا. هاڻ وري اوهين کين پاڻ وٽ گروي رکڻ ٿا گھرو.“ تڏهن هنن کڻي ماٺ ڪئي ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪڇيائون.
9
مون کين وڌيڪ چيو تہ ”جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ٺيڪ ناهي. اوهان کي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسان جون دشمن غير قومون اسان کي ملامت نہ ڪن.
10
آءٌ، منهنجا ڀائر ۽ منهنجا ماڻهو بہ ٻين کي وياج تي پئسا ۽ ان ڏيون ٿا. پر اچو تہ اسين وياج کائڻ بند ڪريون.
11
بلڪ مهرباني ڪري اڄ جو اڄ اوهين هنن کي سندن ٻنيون، انگورن ۽ زيتونن جا باغ ۽ سندن گھر موٽائي ڏيو. اوهين کين سندن پئسا، اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل پڻ موٽائي ڏيو، جيڪي اوهان کانئن وياج طور اُڳاڙيا آهن.“
12
تڏهن هنن چيو تہ ”اسين اهي موٽائي ڏينداسين. اسين هنن کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ گھرنداسين. جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي اسين ڪنداسين.“ پوءِ مون ڪاهنن کي گھرايو ۽ اميرن ۽ اڳواڻن کان قسم کڻايم تہ هنن جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪندا.
13
تڏهن مون پنهنجي جھول ڇنڊيندي هيئن چيو تہ ”شل خداوند هن طرح هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي گھر کان ۽ پنهنجي ملڪيت کان ڇنڊي اڇلائي ڇڏي، جيڪو پنهنجي واعدي تي پورو نہ رهي.“ تنهن تي اتي گڏ ٿيل سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو. ان کان پوءِ هو خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن سڀني ماڻهن ائين ئي ڪيو، جيئن واعدو ڪيو هئائون.
14
پوءِ جنهن ڏينهن کان آءٌ يهوداہ علائقي جو گورنر مقرر ڪيو ويس، يعني ارتخششتا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ويهين سال کان ٻٽيهين سال تائين، انهن ٻارهن سالن ۾ مون ۽ منهنجي مٽن مائٽن ڪڏهن بہ سرڪاري ماني ڪين کاڌي.
15
پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.
16
اسان مان ڪنهن کي بہ ڪا زمين وغيرہ حاصل ڪرڻ جي لالچ ڪا نہ هئي. اٽلندو، آءٌ پاڻ ۽ منهنجا سڀيئي ساٿي انهيءَ هنڌ گڏ ٿي ڀتين جي ڪم تي لڳي وياسون.
17
ان جي باوجود، آسپاس جي قومن مان اسان وٽ ايندڙ ماڻهن کان علاوہ ڏيڍ سؤ يهودي ۽ سندن اڳواڻ پڻ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندا هئا.
18
هر روز آءٌ هڪ ڍڳو، ڇهہ پليل رڍون ۽ ڪجھہ ڪڪڙيون کاڌي لاءِ تيار ڪرائيندو هئس ۽ هر ڏهين ڏينهن مئي جھجھي انداز ۾ مهيا ڪندو هئس. مون ڪڏهن بہ گورنر جي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ سرڪاري کاڌي پيتي جي گھر نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ عوام تي اڳي ئي بار ڳرو هو.
19
تنهنڪري اي منهنجا خدا! جيڪي ڪجھہ مون هن قوم لاءِ ڪيو آهي، تنهن جي ڪري مون کي پنهنجي مهر سان ياد رکج.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13