bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Psalms 105
Psalms 105
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 104
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 106 →
1
اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو. اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو.
2
اوهين انهيءَ جا گيت ڳائيندي سندس واکاڻ ڪريو. هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن تن سڀني جو ذڪر ڪريو.
3
اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.
4
اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو. اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.
5
اي اوهين! جيڪي انهيءَ جي بندي ابراهيم جو نسل آهيو، اوهين خدا جي انهن عجيب ڪمن کي ياد ڪريو، جيڪي هن ڪيا آهن. هائو، اوهين! جيڪي سندس چونڊيل يعقوب جو اولاد آهيو، اوهين هن جي معجزن ۽ سندس ٻڌايل فيصلن کي ياد رکو.
7
بيشڪ اهو ئي خداوند اسان جو خدا آهي. انهيءَ جا ئي فيصلا سڄي ڌرتيءَ تي رائج آهن.
8
هو ابد تائين پنهنجي عهد کي ياد رکڻ وارو آهي، يعني انهيءَ واعدي کي جيڪو هزار پيڙهين لاءِ هن فرمايو هو،
9
هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.
10
انهيءَ عهد کي هن يعقوب جي لاءِ قانونِ محڪم بڻايو، ۽ سندس اولاد لاءِ پڻ هن انهيءَ کي ابدي عهد قرار ڏنو،
11
جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تانتہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“
12
انهيءَ وقت بني يعقوب بلڪل ئي ٿورا هئا، ۽ جنهن ملڪ ڪنعان ۾ هو رهيا ٿي تنهن ۾ ڌاريا هئا.
13
انهيءَ وقت هو هڪڙي قوم کان ٻيءَ قوم ڏانهن ڀٽڪندا رهندا هئا. هائو، اهي هڪڙي بادشاهت کان ٻيءَ ڏانهن پيا ڀٽڪندا هئا.
14
مگر خدا مٿن ڪنهن کي بہ ظلم ڪرڻ نہ ڏنو، بلڪ انهن جي خاطر هن بادشاهن کي بہ ڇينڀيو هو.
15
هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“
16
پوءِ خداوند انهيءَ ملڪ تي ڏڪار نازل ڪيو هو، ۽ سڀني جي روزيءَ جو سهارو بلڪل ئي ٽوڙي ڇڏيائين.
17
هن انهيءَ کان اڳ يعقوب جي پٽ يوسف کي مصر موڪليو، جيڪو اتي غلاميءَ ۾ وڪاڻو هو.
18
کيس اها تڪليف پڻ ڏني ويئي جو سندس پيرن ۾ ٻيڙيون وڌيون ويون، ۽ ڪنڌ ۾ لوهہ جا زنجير وجھي کيس قابو ڪيو ويو.
19
يوسف تيستائين قيد ۾ رهيو، جيستائين سندس ڏٺل خواب پورو نہ ٿيو، هائو، جيستائين خداوند پنهنجي فرمان موجب کيس سچو ثابت نہ ڪيو.
20
اهو هن ريت ٿيو جو مصر جي بادشاهہ پاڻ ماڻهو موڪلي يوسف کي ڇڏايو.
21
پوءِ هن کيس پنهنجي محلات جو مختيار بڻائي رکيو، بلڪ کيس پنهنجي سڄي ملڪيت جو حاڪم مقرر ڪيائين،
22
تانتہ يوسف پنهنجي مرضيءَ موجب سندس اعليٰ عملدارن جي تربيت ڪري، ۽ دانائي سان سندس اميرن جي رهنمائي ڪري.
23
ان کان پوءِ يعقوب پنهنجي ڪٽنب سميت آيو، ۽ مصر ملڪ ۾ ڌارئي طور رهڻ لڳو.
24
خداوند کين وڌائي پنهنجي هڪ وڏي قوم بڻايو، ۽ کين سندن دشمنن کان بہ وڌيڪ زورآور ڪيائين.
25
پوءِ هن مصرين جي دلين کي ڦيريو، تانتہ اهي سندس انهيءَ قوم کان نفرت ڪن. هائو، جيئن مصري ماڻهو سندس ٻانهن سان دغابازي ڪن.
26
پوءِ هن پنهنجي بندي موسيٰ کي مصر ڏانهن موڪليو، ۽ هارون کي بہ چونڊي ساڻس گڏ موڪليائين.
27
هنن مصري ماڻهن منجھہ خداوند جا معجزا ڏيکاريا، هائو، سندن ملڪ ۾ عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريائون.
28
خدا اونداهيءَ کي موڪلي پورو ملڪ اونداهو ڪري ڇڏيو. پر تڏهن بہ مصرين سندس حڪم جي خلافورزي ڪئي.
29
تڏهن هن سندن ندين جو پاڻي رت ۾ بدلائي ڇڏيو، ۽ انهن ۾ موجود مڇيون ماري ڇڏيائين.
30
پوءِ خدا سندن سڄو ملڪ ڏيڏرن سان ڀري ڇڏيو، ايتري قدر جو اهي بادشاهن جي ڪمرن ۾ بہ گھڙي ويا.
31
وري جڏهن حڪم فرمايائين تہ بيشمار مکيون توڙي مَنهان مڇر اچي سندن ملڪ تي ڪڙڪيا.
32
هن برساتن جي بدران سندن سڄي ملڪ تي وِڄ جا شعلا نازل ڪيا ۽ مٿن خوب ڳڙا وسايائين،
33
جن سان سندن انگورن جا باغ، توڙي انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيائين. سندن ملڪ ۾ جيڪي بہ وڻ هئا، تن سڀني کي هن ڀڃي ڪيرائي ڇڏيو.
34
وري جڏهن هن حڪم فرمايو تہ ايترا تہ مڪڙا آيا، جو انهن جو ڪو شمار ئي نہ هو.
35
انهن مصرين جي سمورن وڻن ۽ ٻوٽن کي ڳڙڪائي ڇڏيو، بلڪ سندن ٻنين جو سڄو ڦل کائي کپائي ڇڏيائون.
36
پوءِ هن مصرين جي سڀني پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، هائو، اهي جيڪي سندن گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا.
37
پوءِ خدا بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آيو، هو اتان سون ۽ چاندي بہ پاڻ سان کنيو آيا، سندن قبيلن مان ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي ڪا ٺوڪر بہ نہ پهتي.
38
جيئن تہ مصر وارا بني اسرائيل کان بيحد ڊڄڻ لڳا هئا، تنهنڪري سندن مصر مان نڪري وڃڻ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا.
39
خدا پنهنجي قوم تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ مٿن ڪڪر ڦهلايو، ۽ رات جي وقت روشنيءَ لاءِ باهہ جو ٿنڀو پڻ موڪليائين.
40
جڏهن هنن کاڌو گھريو تہ هنن ڏانهن ٻٽيرا موڪليائين، ۽ کين آسمان جي مانيءَ سان ڍءُ ڪرايائين.
41
هن ٽڪر کي چيريو تہ انهيءَ مان پاڻي وهي نڪتو، جيڪو رڻپٽ مان ندي بڻجي وهڻ لڳو.
42
اهو سڀ هن پنهنجي انهيءَ ذاتي واعدي موجب ڪيو، جيڪو پنهنجي بندي ابراهيم سان ڪيو هئائين.
43
خدا جڏهن پنهنجي چونڊيلن کي مصر مان ڪڍي ٿي آيو، تڏهن سندس اها قوم گيت ڳائيندي ۽ خوشيون ملهائيندي ٿي آئي.
44
هن ٻين قومن جا ملڪ سندن حوالي ڪري ڇڏيا، هائو، ٻين قومن جي محنت جو ڦل هن سندن جھوليءَ ۾ وڌو.
45
خدا هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن سندس قوم سندس قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
← Chapter 104
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 106 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
67
68
69
70
71
72
73
74
75
76
77
78
79
80
81
82
83
84
85
86
87
88
89
90
91
92
93
94
95
96
97
98
99
100
101
102
103
104
105
106
107
108
109
110
111
112
113
114
115
116
117
118
119
120
121
122
123
124
125
126
127
128
129
130
131
132
133
134
135
136
137
138
139
140
141
142
143
144
145
146
147
148
149
150