bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Psalms 78
Psalms 78
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 77
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 79 →
1
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي تعليم ٻڌو، اوهين منهنجي ڳالهين تي پنهنجو ڪن ڏيو.
2
آءٌ پنهنجيون ڳالهيون مثالن جي صورت ۾ ڪندس، ۽ قديم زماني جا اسرار بيان ڪندس.
3
اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ انهن جي خبر اٿئون. اهي اسان جي ابن ڏاڏن پاڻ اسان کي ٻڌايون هيون.
4
اسين پنهنجي اولاد کان اهي ڳالهيون ڪين لڪائينداسين، بلڪ اسين ايندڙ پيڙهيءَ کي خداوند جي ڀلائي، سندس قدرت ۽ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿائين، سي سڀ ٻڌائينداسين.
5
هن بني يعقوب لاءِ پنهنجا قاعدا مقرر ڪيا آهن، هائو، بني اسرائيل ۾ پنهنجي شريعت قائم ڪئي اٿائين. هن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون پنهنجي اولاد کي سيکارجو،
6
تانتہ ايندڙ پيڙهيءَ ۾ ڄمندڙ ٻار انهن کي ڄاڻي وٺن، ۽ پوءِ اهي وڏا ٿي پنهنجي ٻارن کي بہ ٻڌائين.“
7
تڏهن ئي اهي پنهنجو ڀروسو خدا تي رکندا، ۽ سندس ڪمن کي نہ وساريندا، بلڪ سندس حڪمن تي عمل ڪندا رهندا.
8
پوءِ هو پنهنجي ابن ڏاڏن جيان ضدي ۽ فسادي نہ ٿيندا، يعني اهڙا ماڻهو جن جون دليون ڏنگيون هيون، ۽ جيڪي پنهنجي خدا سان وفادار نہ هئا.
9
افرائيم قبيلي وارا تيرڪمان کڻي هٿياربند ٿيا، پر جڏهن جنگ شروع ٿي تہ اهي پٺ ڏيئي وٺي ڀڳا.
10
هنن بني اسرائيل سان خدا جي ٻڌل عهد کي قائم نہ رکيو، بلڪ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪاري ٿيا.
11
خدا جيڪي ڪم ڪيا هئا سي بہ هنن وساري ڇڏيا، هائو، انهن معجزن کي بہ جيڪي هن کين ڏيکاريا هئا.
12
مصر ملڪ جي ضعن علائقي ۾، هن اسان جي ابن ڏاڏن جي روبرو عجيب وَ غريب ڪم ڪيا.
13
هن سمنڊ کي چيري انهيءَ ۾ رستو ٺاهيو، ۽ پاڻيءَ کي بلڪل ڀت جيان بيهاري کين پار ٽپائي آندو.
14
ڏينهن جي وقت تي هن ڪڪر سان سندن رهبري ڪئي، ۽ سڄي رات باهہ جي روشنيءَ سان سندن رهنمائي پئي ڪيائين.
15
هن بيابان ۾ ٽڪرين کي چيري پاڻي وهايو، ۽ پنهنجي قوم کي ڄڻ زمين جي جر منجھان جھجھو پاڻي پيئاريو.
16
هن ٽڪر منجھان نهرون جاري ڪيون، ۽ پاڻيءَ کي ندين وانگر وهايائين.
17
پوءِ بہ هو خدا جي خلاف گناهہ ڪندا رهيا، ۽ بيابان ۾ خدا تعاليٰ جي آڏو سرڪشي ڪندا رهيا.
18
هنن بلڪل سوچي سمجھي خدا کي آزمايو هو، هائو، جڏهن انهن پنهنجي خواهش موجب کاڌو گھريو هو.
19
بلڪ اهي خدا جي خلاف هيئن بہ بڪڻ لڳا هئا تہ ”ڇا خدا بيابان ۾ اسان لاءِ کاڌو مهيا ڪري ٿو سگھي؟
20
بيشڪ هن موسيٰ جي هٿان ٽڪر کي ڌڪ هنيو هو، تڏهن پاڻي نڪري آيو هو ۽ نهرون جاري ٿي ويون هيون، پر هاڻي ڇا خدا اسان کي ماني بہ ڏيئي سگھندو؟ ڇا پنهنجي هن قوم کي هو گوشت مهيا ڪري سگھندو؟“
21
جڏهن خداوند اهو ٻڌو تڏهن کيس ڏاڍو غصو اچي ويو. هو بني اسرائيل تي تپي باهہ ٿي ويو، ۽ مٿن غضبناڪ ٿي پيو،
22
ڇاڪاڻ تہ هنن خدا تي ايمان نہ آندو، ۽ مٿس ڀروسو نہ ڪيائون تہ هو ڪو کين بچائي سگھي ٿو.
23
تنهن هوندي بہ هن ڪڪرن کي حڪم ڏنو، ۽ آسمان جا دروازا کولي،
24
هنن جي کائڻ لاءِ سندن مٿان مَنَ وسايائين. اهڙيءَ طرح کين آسمان جي خوراڪ عطا ڪيائين،
25
۽ انسانن کي فرشتن واري خوراڪ کارايائين. هن انهن ڏانهن ايتري خوراڪ موڪلي جيتري اهي کائي ٿي سگھيا.
26
هن آسمان مان تيز هوا موڪلي. هائو، پنهنجي قدرت سان ڏکڻ اوڀر کان هوا گھلايائين،
27
جنهن مان هن ايترا تہ گھڻا پکي ڪيرايا، جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا هجن. ائين کين ايترو گوشت ڏنائين جيئن ڌرتيءَ تي مٽي هجي.
28
هن اهي سندن خيميگاهہ جي اندر ڪيرايا هئا، سندن تنبن جي بلڪل آسپاس.
29
سو هنن اهي پکي ڍءُ ڪري کاڌا. اهڙيءَ طرح خدا سندن تمنا پوري ڪئي.
30
پر جڏهن هنن جي سَڌَ اڃا بہ پوري ڪانہ ٿي، تڏهن جيئن جو انهن جو کاڌو اڃا سندن وات ۾ ئي هو،
31
تہ اوچتو ئي اوچتو مٿن خدا جو غضب اچي ڪڙڪيو. سو هن انهن جي سگھارن ۽ ڪم وارن ماڻهن کي قتل ڪيو. هائو، بني اسرائيل جي جوانن مان گھڻن کي هن ماري ڇڏيو.
32
انهن ڳالهين جي باوجود هو وري بہ گناهہ ڪندا رهيا، ۽ معجزا ڏسڻ جي باوجود بہ هنن خدا تي ڀروسو نہ ڪيو.
33
تنهنڪري هن هڪڙي ئي اشاري سان سندن ڏينهن پورا ڪري ڇڏيا. هائو، هن سندن حياتيءَ جا سال اوچتي آفت سان ختم ڪري ڇڏيا.
34
جڏهن خدا منجھانئن ڪي قتل ٿي ڪيا، تڏهن ئي اهي سندس آڏو توبهہتائب ٿي ٿيا، ۽ هڪدم پڇتاءُ ڪري سندس طالبو ٿي بڻيا.
35
پوءِ هنن ياد ڪندي چيو ٿي تہ ”خدا ئي اسان جو محافظ آهي، هائو، خدا تعاليٰ ئي اسان جو ڇڏائيندڙ آهي.“
36
پر ائين هو پنهنجي واتان خدا سان دوکو ڪندا هئا. هو پنهنجي زبان سان سندس آڏو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.
37
نہ انهن جي دل خدا سان سچي هئي، ۽ نہ وري هو خدا جي عهد جا وفادار نڪتا.
38
پر جيئن تہ خدا رحيم آهي، سو انهن جا گناهہ معاف ٿي ڪيائين. هن بار بار پنهنجي غصي کي روڪيو ٿي، ۽ پنهنجي غضب کي وڌڻ ڪين ٿي ڏنائين. اهڙيءَ طرح هن انهن کي برباد ٿيڻ نہ ڏنو.
39
کيس اهو ئي ياد رهندو هو تہ ”هي رڳو فاني بشر آهن، هي تہ انهيءَ هوا مثل آهن، جيڪا گذري وڃڻ کان پوءِ وري نہ ٿي موٽي.“
40
ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻپٽ ۾ کيس رنجايو آهي!
41
بني اسرائيل بار بار پنهنجي خدا کي پئي آزمايو آهي، هائو، هنن پنهنجي پاڪ معبود کي رنج پئي ڪيو آهي.
42
هنن سندس قدرت کي پنهنجي ذهن ۾ نہ رکيو، يعني انهيءَ ڏينهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيائون، جڏهن هن کين دشمنن کان ڇڏايو هو.
43
هائو، اهو ڏينهن جڏهن مصر جي علائقي ضعن ۾، کين ڪرشما ۽ معجزا ڏيکاريا هئائين.
44
اتي هن مصرين جي ندين کي رت ۾ بدلائي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو اهي پنهنجي چشمن جو پاڻي بہ پي نہ ٿي سگھيا.
45
هن انهن ۾ مکين جا ميڙ موڪليا، جن کين ڏاڍو ايذايو. هن انهن ڏانهن ڏيڏر پڻ موڪليا، جن سندن ملڪ جو خانو خراب ڪيو.
46
هن انهن جي زمين جي پيداوار، هائو، سندن محنت جو ڦل ماڪڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
47
هن ڳڙا وسائي سندن انگورن جي باغن کي برباد ڪيو، ۽ سندن انجير جي وڻن کي پاري سان چٽ ڪري ڇڏيائين.
48
هنن جي ڍورن ڍڳن تي ڳڙا وسائي کين ماري ڇڏيائين، ۽ وڄ جا چمڪاٽ موڪلي سندن رڍن ٻڪرين کي ماريائين.
49
هن پنهنجو سخت غصو، ناراضپو، قهر ۽ غضب بربادي آڻيندڙ ملائڪن جي لشڪرن جيان سندن مٿان موڪليا.
50
هن نڪي پنهنجي غصي کي روڪيو، ۽ نہ ئي کين موت کان بچايائين، بلڪ سندن حياتي وبا جي حوالي ڪري ڇڏيائين.
51
هن مصر وارن جي پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، جيڪي هر مصريءَ جي گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا.
52
پوءِ هو پنهنجي قوم کي مصر مان رڍن وانگر وٺي هليو، ۽ جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن بيابان ۾ هن سندن رهنمائي ڪئي.
53
هو انهن کي اهڙي سلامتيءَ سان ڪڍي آيو، جو کين ڪو خوف نہ ٿيو. پر سندن دشمنن کي هن سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.
54
ائين هن کين پنهنجي پاڪ ملڪ ۾ آندو، بلڪ انهيءَ جبل تائين، جنهن کي هن پنهنجي زورآور هٿ سان فتح ڪيو هو.
55
هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.
56
پوءِ بہ هنن سرڪشي ڪندي خدا تعاليٰ کي آزمايو، ۽ سندس حڪمن تي عمل نہ ڪيائون.
57
بلڪ پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر هو ڦِري بيوفا ٿيا. هائو، اڻسڌي تير جيان اهي دوکو ڏيندڙ هٽي ٻئي پاسي ٿيا.
58
هنن پنهنجي بتخانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.
59
سو خدا جڏهن اهو سڀ ڏٺو تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ پوءِ بني اسرائيل کان سخت نفرت ڪندي کين رد ڪري ڇڏيو.
60
تنهنڪري هن سيلا شهر واري مقدس جاءِ ۾ پنهنجو رهڻ ڇڏي ڏنو، يعني انهيءَ خيمي کي ڇڏي ڏنائين، جتي هو انسانن جي وچ ۾ رهيو ٿي.
61
پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.
62
هو پنهنجي قوم تي ايڏو تہ ڪاوڙيو، جو پنهنجي انهن خاص چونڊيلن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيائين.
63
هائو، قوم جي جوانن کي جنگ جي باهہ کائي ويئي، تنهنڪري منجھن جيڪي ڪنواريون هيون، تن جا سهرا نہ ڳايا ويا.
64
انهن جي ڪاهنن ۾ پڻ اهڙي تہ خونريزي اچي پيئي، جو سندن رنونزالون هنن لاءِ روئي رڙي بہ نہ سگھيون.
65
پر نيٺ ڌڻي ڄڻ ننڊ مان جاڳي اٿيو، انهيءَ مئي ۾ مخمور جنگي جوڌي وانگر، جيڪو هڪدم وڙهڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي.
66
پوءِ هن پنهنجي دشمنن کي ماري ماري پٺتي ڀڄايو، ۽ کين هميشہ لاءِ خوار خراب ڪري ڇڏيائين.
67
تڏهن خدا افرائيم جي قبيلي کي پنهنجي مقدس گھر قائم ڪرڻ لاءِ وري ڪين چونڊيو. هن سندن علائقي کي ان جي موجودگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو.
68
بلڪ هن يهوداہ جي قبيلي کي انهيءَ جي لاءِ چونڊي ڪڍيو، يعني صيئون جبل کي چونڊيائين، جنهن سان کيس ڏاڍو پيار هو.
69
اتي هن پنهنجي مقدس هيڪل کي آسمان جيان شانائتو بڻايو، ۽ زمين وانگر انهيءَ کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيائين.
70
خداوند پنهنجي ٻانهي دائود کي چونڊي ڪڍيو، هائو، هن کيس رڍن جي واڙي منجھان چونڊي ڪڍيو.
71
جتي هن ڦرن واريون رڍون ٿي چاريون، اُتان کيس ڪڍي آندائين، تانتہ هو ڌنار بڻجي سندس قوم بني يعقوب جي، هائو، پنهنجي خاص چونڊيل بني اسرائيل جي نگهباني ڪري.
72
سو دائود پنهنجي دل جي سچائيءَ سان سندن نگهباني ڪئي. هن پنهنجي مهارت ۽ هوشياريءَ سان سندن رهبري ڪئي.
← Chapter 77
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 79 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
67
68
69
70
71
72
73
74
75
76
77
78
79
80
81
82
83
84
85
86
87
88
89
90
91
92
93
94
95
96
97
98
99
100
101
102
103
104
105
106
107
108
109
110
111
112
113
114
115
116
117
118
119
120
121
122
123
124
125
126
127
128
129
130
131
132
133
134
135
136
137
138
139
140
141
142
143
144
145
146
147
148
149
150