bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Psalms 69
Psalms 69
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 68
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 70 →
1
اي خدا! تون مون کي بچاءِ، ڇوجو پاڻي منهنجي ڳچيءَ تائين اچي پهتو آهي.
2
آءٌ اونهيءَ ڌٻڻ ۾ لهندو ٿو وڃان، جنهن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڪانهي. آءٌ اونهي پاڻيءَ ۾ اچي پيو آهيان، ۽ ڇوليون منهنجي مٿان گذرن ٿيون.
3
دانهون ڪندي ڪندي آءٌ ٿڪجي پيو آهيان، ۽ نڙي بہ سُڪي ويئي اٿم. اي منهنجا خدا! تنهنجي راهہ ڏسندي ڏسندي منهنجيون اکيون بہ ضعيف ٿي ويون آهن.
4
جيڪي بنا سبب مون سان دشمني رکن ٿا، سي مٿي جي وارن کان بہ گھڻا آهن. جيڪي ناحق منهنجا مخالف بڻيا آهن، سي زورآور آهن ۽ مون کي تباهہ ڪرڻ گھرن ٿا. جيڪي مون ڪڏهن چورايو ئي ڪونهي، سو هو مون کان واپس وٺڻ گھرن ٿا.
5
اي خدا! منهنجي نادانيءَ کي تون ئي ٿو ڄاڻين، منهنجا گناهہ تو کان ڳجھا ڪين آهن.
6
اي خداوند ، قادرِمطلق خدا! جيڪي تو تي توڪل رکن ٿا، سي شل منهنجي ڪري ڪڏهن شرمندا نہ ٿين! اي بني اسرائيل جا خدا! منهنجي ڪري تنهنجا طالب بدنام نہ ٿين.
7
انهيءَ سبب جو مون کي تنهنجي خاطر ايڏا طعنا هنيا ٿا وڃن، جو آءٌ شرم منجھہ ٻڏي ويو آهيان.
8
پنهنجي مٽن مائٽن وٽ آءٌ ڌاريو ٿي پيو آهيان، بلڪ پنهنجيءَ ئي ماءُ جي اولاد وٽ آءٌ اجنبي ٿي پيو آهيان.
9
منهنجي اندر ۾ تنهنجي گھر لاءِ ايتري تہ غيرت آهي، جو جيڪي طعنا تو کي ٿا هنيا وڃن سي مون تي ٿا اچيو پون.
10
جڏهن مون روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ مون کي مهڻا ئي مهڻا ٿا ملن.
11
جڏهن مون ڏک وچان کٿي کي پنهنجو لباس بڻايو هو، تڏهن انهيءَ جي لاءِ بہ آءٌ چرچو بڻجي ويو هئس.
12
جيڪي شهر جي چونڪن ۾ ٿا ويهن، سي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، بلڪ جيڪي نشئي آهن سي بہ مون تي راڳ ٿا ٺاهين.
13
پر اي خداوند! آءٌ تو کان دعا گھران ٿو. پنهنجي قبوليت جي وقت تي تون ان کي اگھاءِ. اي خدا! پنهنجي دائمي ٻاجھہ سان منهنجي مدد ڪر، ۽ پنهنجو بچائڻ وارو واعدو پورو ڪر.
14
تون مون کي ڌٻڻ ۾ ٻڏڻ نہ ڏي، بلڪ پاڻيءَ جي اونهاين مان مون کي بچائي وٺ. هائو، منهنجي دشمنن کان مون کي ڇڏائي وٺ.
15
ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي.
16
اي خداوند! منهنجو عرض ٻڌ، ڇوجو تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ چڱي آهي. هائو، تون پنهنجي بيحد ٻاجھہ جي ڪري مون تي ڌيان ڏي.
17
تون پنهنجي هن ٻانهي کان منهن نہ موڙ، بلڪ منهنجو عرض جلد اگھاءِ، ڇوجو آءٌ مصيبت ۾ مبتلا آهيان.
18
اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.
19
تون منهنجي مهڻن، بيعزتين ۽ بدناميءَ کان واقف آهين. جيڪي بہ منهنجا دشمن آهن سي سڀ تنهنجي سامهون آهن.
20
مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.
21
هنن مون کي کائڻ جي لاءِ ٽُوهہ جو ڦل ڏنو هو، ۽ جڏهن آءٌ اڃايل هئس تہ مون کي سرڪو پيئاريو هئائون.
22
شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڦندو ثابت ٿئي! شل انهن جون ئي مذهبي دعوتون سندن لاءِ ڄار ثابت ٿين!
23
شل سندن اکيون انڌيون ٿين، تانتہ هو ڏسي نہ سگھن! شل انهن جون چيلهيون سدائين ڪمزور رهن!
24
تون انهن جي مٿان پنهنجو سخت غضب نازل ڪر. شال اهي تنهنجي قهر وَ غضب سان بلڪل ئي وڪوڙجي وڃن!
25
شال سندن رهڻ جون جايون بلڪل اُجڙي وڃن! هائو، شال انهن جي گھرن ۾ ڪو جيئرو باقي نہ رهي!
26
ڇوجو هو تن کي ئي ستائين ٿا جن کي تو سزا ڏني آهي، ۽ تن جي ئي ڦٽن تي لوڻ ٿا ٻرڪن جن کي تو زخمي ڪيو آهي.
27
تون سندن ڪلهن تي ڏوهن مٿان ڏوهہ پيو چاڙهہ، ۽ سندن هڪڙو بہ ڏوهہ معاف نہ ڪر.
28
تون زندگيءَ واري ڪتاب منجھان سندن نالا مِٽائي ڇڏ، ۽ سندن نالا سچارن جي نالن سان گڏ داخل ٿيڻ نہ ڏي.
29
پر آءٌ ڏکويل ۽ غمگين آهيان. اي خدا! تون مون کي بچائي پنهنجي پناهہ ۾ رک.
30
آءٌ گيت ڳائيندي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ جي تعظيم بيان ڪندس.
31
بيشڪ ڍورن ڍڳن جي قربانيءَ کان وڌيڪ سندس تعريف ڪرڻ بهتر آهي. هائو، جانورن جي قربانين کان وڌيڪ خداوند کي اهو ئي پسند آهي.
32
خدا جو بچائڻ ڏسي مظلوم خوشيون ڪندا، ۽ خدا جي طالبن جا حوصلا بلند ٿيندا.
33
انهيءَ سبب جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ قيد ۾ پيل پنهنجي ماڻهن کي وساري نہ ٿو ڇڏي.
34
اي زمين وَ آسمان! اوهين انهيءَ جي واکاڻ ڪريو، ۽ اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جو ڪجھہ گھمي ڦري ٿو، سي پڻ انهيءَ جي تعريف ڪريو.
35
انهيءَ سبب جو خدا صيئون کي بچائيندو، ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر پنهنجي قوم لاءِ وري جوڙيندو. پوءِ خدا پنهنجي انهن ٻانهن کي پنهنجي ورثي ۾ ڏنل انهيءَ ملڪ ۾ رهائيندو.
36
سندن اولاد پڻ انهيءَ ملڪ جو وارث ٿيندو. هائو، خدا جي نالي سان محبت رکندڙ اهي منجھس پيا رهندا.
← Chapter 68
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 67
Chapter 68
Chapter 69
Chapter 70
Chapter 71
Chapter 72
Chapter 73
Chapter 74
Chapter 75
Chapter 76
Chapter 77
Chapter 78
Chapter 79
Chapter 80
Chapter 81
Chapter 82
Chapter 83
Chapter 84
Chapter 85
Chapter 86
Chapter 87
Chapter 88
Chapter 89
Chapter 90
Chapter 91
Chapter 92
Chapter 93
Chapter 94
Chapter 95
Chapter 96
Chapter 97
Chapter 98
Chapter 99
Chapter 100
Chapter 101
Chapter 102
Chapter 103
Chapter 104
Chapter 105
Chapter 106
Chapter 107
Chapter 108
Chapter 109
Chapter 110
Chapter 111
Chapter 112
Chapter 113
Chapter 114
Chapter 115
Chapter 116
Chapter 117
Chapter 118
Chapter 119
Chapter 120
Chapter 121
Chapter 122
Chapter 123
Chapter 124
Chapter 125
Chapter 126
Chapter 127
Chapter 128
Chapter 129
Chapter 130
Chapter 131
Chapter 132
Chapter 133
Chapter 134
Chapter 135
Chapter 136
Chapter 137
Chapter 138
Chapter 139
Chapter 140
Chapter 141
Chapter 142
Chapter 143
Chapter 144
Chapter 145
Chapter 146
Chapter 147
Chapter 148
Chapter 149
Chapter 150
Chapter 70 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66
67
68
69
70
71
72
73
74
75
76
77
78
79
80
81
82
83
84
85
86
87
88
89
90
91
92
93
94
95
96
97
98
99
100
101
102
103
104
105
106
107
108
109
110
111
112
113
114
115
116
117
118
119
120
121
122
123
124
125
126
127
128
129
130
131
132
133
134
135
136
137
138
139
140
141
142
143
144
145
146
147
148
149
150