bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Corinthians 13
1 Corinthians 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
1
جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان.
2
۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.
3
۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي.
4
محبت صابر ۽ مهربان آهي؛ محبت ريس نٿي ڪري، محبت پاڻ کي نٿي پڏائي، محبت ٻٽاڪ نٿي هڻي؛
5
محبت اڍنگي هلت نٿي هلي، پنهنجو فائدو نٿي ڳولي، ڪاوڙجي نٿي، بدگماني نٿي ڪري؛
6
بدڪاريءَ ۾ خوش نٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿي رهي.
7
محبت سڀ ڪجهہ سهي ٿي، سڀ ڪنهن ڳالهہ تي اعتبار ٿي ڪري، سڀني ڳالهين ۾ اُميد رکي ٿي، سڀني ڳالهين جي برداشت ڪري ٿي.
8
محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو.
9
ڇالاءِ جو اسان جو علم ناقص آهي ۽ اسان جي نبوت ڪامل ناهي؛
10
پر جڏهن ڪامليت ايندي، تڏهن گهٽتائي نڪري ويندي.
11
جڏهن آئون ٻار هوس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هوس، ٻارن وانگر سمجهندو هوس ٻارن وانگر خيال ڪندو هئس، پر جڏهن آئون بالغ ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.
12
ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان.
13
هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16