bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Corinthians 3
1 Corinthians 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 4 →
1
۽ اي ڀائرو، آئون اوهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهائي نہ سگهيس جهڙيءَ طرح اُنهن سان ڳالهائبو آهي جي روحاني آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، يعني انهن سان جي مسيح ۾ ٻارڙا آهن.
2
مون اوهان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي کي هضم ڪرڻ جهڙا نہ هئا، نڪي هاڻي اهڙا ٿيا آهيو؛
3
هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟
4
ڇالاءِ تہ جڏهن هڪڙو چوي ٿو تہ آئون پولس جو آهيان، ۽ ٻيو چوي ٿو تہ آئون اپلوس جو آهيان، تڏهن اوهين عام ماڻهو نہ ٿيا تہ ٻيو ڇا؟
5
اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.
6
مون پوکيو ۽ اپلوس پاڻي ڏنو، پر خدا انهي کي وڌايو.
7
تنهنڪري پوکيندڙ يا پاڻي ڏيندڙ ٻئي ڪي ڪين آهن، پر خدا ئي آهي جو وڌائي ٿو.
8
هاڻي جيڪو پوکي ٿو ۽ جيڪو پاڻي ڏئي ٿو، سي ٻئي هڪ آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس پورهئي موجب اُجورو ملندو.
9
ڇالاءِ جو اسين سڀ خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، اوهين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آهيو.
10
جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.
11
ڇالاءِ جو جيڪو بنياد پيل آهي، سو يسوع مسيح آهي، تنهن کانسواءِ ٻيو بنياد ڪوبہ ماڻهو وجهي ڪين سگهندو.
12
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهي بنياد تي سون، رپو، جواهر، ڪاٺ، گاهہ يا ڪکن جي اڏاوت ڪندو،
13
تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.
14
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم، جو هن تي اڏيل هوندو، سو جٽاءُ ڪندو تہ انهي کي اُجورو ملندو.
15
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ انهي کي نقصان رسندو، پر هو پاڻ بچي ويندو، پر ٻرندي ٻرندي.
16
اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين خدا جي هيڪل آهيو، ۽ خدا جو روح اوهان ۾ ٿو رهي؟
17
جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل برباد ڪندو تہ خدا انهي کي برباد ڪندو، ڇالاءِ جو خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اُها هيڪل اوهين آهيو.
18
ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان منجهان ڀانئين تہ هن جهان ۾ ڏاهو ليکجان تہ بيوَقوف ٿئي، تان تہ هو ڏاهو ٿي پوي.
19
ڇالاءِ جو هن جهان جي ڏاهپ خدا جي اڳيان بيوَقوفي آهي. هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”هو ڏاهن کي سندن هوشياريءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“
20
۽ هيئن بہ چيل آهي، تہ ”خداوند ڏاهن جا خيال ڄاڻي ٿو تہ اجايا آهن.“
21
تنهنڪري ڪوبہ انسان تي فخر نہ ڪري. ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جون آهن،
22
ڇا پولس ڇا اپلوس، ڇا ڪيفاس، ڇا جهان، ڇا حياتي، ڇا موت، ڇا هاڻوڪي وقت جون شيون، ڇا ايندڙ وقت جون شيون، سڀ اوهان جون آهن؛
23
۽ اوهين مسيح جا آهيو، ۽ مسيح خدا جو آهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16