bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Corinthians 16
1 Corinthians 16
Sindhi Bible
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
1
هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو.
2
هفتي جي پهرئين ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجي وسعت آهر، ڪجهہ بچائي گڏ ڪري رکي، انهي لاءِ تہ جڏهن آئون اچان، تڏهن ڪوبہ چندو گڏ ڪرڻو نہ پوي.
3
۽ جڏهن آئون ايندس، تڏهن جن کي اوهين پسند ڪندا، تن کي آئون خط ڏيئي موڪليندس، تہ اوهان جي خيرات يروشلم ڏانهن کڻي وڃن،
4
۽ جي منهنجو وڃڻ بہ مناسب هوندو، تہ اُهي مون سان گڏجي هلندا.
5
پر آئون اوهان وٽ تڏهن ايندس، جڏهن مڪدونيہ مان لنگهندس، ڇالاءِ جو آئون مڪدونيہ مان لنگهڻ وارو آهيان.
6
۽ شايد اوهان وٽ ٽڪي پوندس، بلڪ سيارو اوهان وٽ گذاريندس، ۽ پوءِ اوهين مون کي سفر تي روانو ڪجو.
7
ڇالاءِ جو منهنجي مرضي نہ آهي تہ واٽ ويندي اوهان جي ملاقات ڪريان، جو اُميد اٿم تہ جي خداوند جي مرضي هوندي تہ ڪجهہ وقت اوهان وٽ اچي رهندس.
8
پر پنتيڪست جي عيد تائين افسس ۾ ترسندس،
9
ڇوتہ منهنجي لاءِ هڪڙو وڏو ۽ ڪارگر دروازو کُليو آهي، ۽ مخالف بہ گهڻا آهن.
10
هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.
11
تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.
12
باقي ڀاءُ اپلوس جي نسبت ۾ مون کيس گهڻي منٿ ڪئي تہ ڀائرن سان گڏ اوهان وٽ اچي، مگر هن وقت هن جي اچڻ جي بلڪل مرضي ڪانہ هئي، پر جڏهن وجهہ ملندس، تڏهن ايندو.
13
اوهين سجاڳ رهو، ايمان تي ثابت قدم رهو، مردانا ٿيو ۽ مضبوط ٿيو.
14
جيڪي ڪريو سو محبت سان ڪريو.
15
هاڻي اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان، (اوهان کي استفناس جي گهراڻي وارن جي خبر آهي تہ اُهي اخيہ جو پهريون ڦل آهن، ۽ اُهي پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿا رهن،)
16
تہ اوهين بہ اهڙن ماڻهن جي، ۽ جيڪي انهي ڪم ۾ مددگار ۽ پورهيت آهن، تن جي تابعداريءَ ۾ رهو.
17
۽ آئون استفناس، ۽ فرتوُناتس ۽ اخيڪس جي اچڻ ڪري خوش ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو اوهان جي بدلي آهن؛
18
۽ هنن منهنجي ۽ اوهان جي روح کي تازو ڪيو. اهڙن کي قبول ڪريو.
19
آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين.
20
سڀيئي ڀائر اوهان کي سلام ٿا ڏين. هڪ ٻئي کي پاڪ چُمي ڏيئي سلام ڏجو.
21
آئون پولس پنهنجي هٿ سان سلام ٿو لکان.
22
جيڪڏهن ڪو شخص خداوند کي پيار نٿو ڪري، تہ انهي تي شل لعنت هجي. خداوند اچڻ وارو آهي.
23
شل خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي.
24
مسيح يسوع ۾ اوهان سڀني کي منهنجو پيار رسي. آمين.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16