bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Joshua 17
Joshua 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 18 →
1
منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.
2
بني منسيءَ مان باقي جيڪي بچيا هئا، تن کي بہ سندن قبيلن موجب هي حصو مليو؛ يعني ابيعزر جي اولاد لاءِ، ۽ بني خلق جي اولاد لاءِ، ۽ اسرائيل جي اولاد لاءِ، ۽ سڪم جي اولاد لاءِ، ۽ حفر جي اولاد لاءِ، ۽ سميدع جي اولاد لاءِ: اهي آهن يوسف جي پٽ منسيءَ جو اولاد سندن قبيلن موجب.
3
پر صلافحاد بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ کي رڳيون ڌيئرون هيون، پٽ ڪونہ هو: ۽ انهن ڌين جا نالا هي آهن، محلاہ ۽ نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ.
4
۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ سردارن جي اڳيان آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي ڀائرن سان گڏ ورثو ملي: تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب هن سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.
5
۽ منسيءَ کي يردن جي هن ڀر واري جلعاد ۽ بسن جي زمين کان سواءِ ڏهہ حصا مليا؛
6
ڇالاءِ جو منسيءَ جي ڌيئرن کي سندن پٽن سان گڏ ورثو مليو: ۽ منسيءَ جي باقي ٻين پٽن کي جلعاد جي زمين ملي.
7
۽ منسيءَ جي سرحد آشر کان وٺي مڪمٿاہ تائين هئي، جو سڪم جي سامهون آهي؛ ۽ اُها سرحد سڄي هٿ واري پاسي کان هلي عين تفوح جي رهاڪن تائين ويئي.
8
هاڻي منسي کي تفوح جي زمين مليل هئي: پر منسيءَ جي سرحد وارو تفوح بني افرائيم جي ملڪيت هو.
9
پوءِ اُها سرحد قاناہ جي نهر تائين لهي، نهر جي ڏکڻ ڏي هلي ويئي: افرائيم جا اِهي شهر منسي جي شهرن منجهہ آهن: منسي جي سرحد نهر جي اُتر واري پاسي بہ هئي، ۽ نيٺ وڃي سمنڊ تي بيٺي:
10
ڏکڻ ڏي اُها افرائيم جي هئي ۽ اُتر ڏي منسي جي، ۽ سمنڊ انهي جي حد آهي؛ ۽ اُهي اُتر ڏي آشر ۾، ۽ اُڀرندي ڏي اشڪار ۾ وڃي پهتيون.
11
۽ منسي جا اشڪار ۽ آشر ۾، بيٿ شان ۽ اُنهي جا شهر هئا، ۽ ابليعام ۽ انهي جا شهر، ۽ دور جا رهاڪو، ۽ انهي جا شهر، ۽ عين دور جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ تعناڪ جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، ۽ مجدو جا رهاڪو ۽ انهي جا شهر، يعني ٽي چاڙهيون.
12
انهي هوندي بہ منسي انهن شهرن جي رهاڪن کي هڪالي ڪڍي نہ سگهيو، پر ڪنعاني اڃا انهي ۾ رهندا اچن.
13
تڏهن بہ هئين ٿيو تہ جنهن وقت بني اسرائيل زور ورتو، تنهن وقت ڪنعانين کان بيگر وٺڻ لڳا، پر هنن کي صفا هڪالي ڪڍي نہ ڇڏيائون.
14
۽ بني يوسف يشوع کي چيو تہ تو ڇو اسان کي فقط هڪڙو حصو، ۽ هڪڙو ڪڻو ورثي ۾ ڏنو، جڏهن ڏٺو اٿيئي تہ اسين وڏي قوم آهيون، ڇالاءِ جو خداوند اسان ۾ هيستائين برڪت پئي وڌي آهي؟
15
تڏهن يشوع هنن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جي اوهين وڏي قوم آهيو تہ جهنگن ۽ ٻيلن ڏي وڃو، ۽ جي افرائيم جو جابلو ملڪ اوهان جي لاءِ سوڙهو هجي، تہ اُتي پنهنجي لاءِ فرزين ۽ رفائيم جي زمين ۾ وڍي جاءِ ڪريو.
16
۽ بني يوسف چيو تہ اهو جابلو ملڪ اسان جي لاءِ پورو ناهي: ۽ انهيءَ واديءَ واري ملڪ ۾ جي ڪنعاني رهن ٿا، تن سڀني وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن، يعني بيت شان ۽ انهن جي شهرن وارن وٽ، ۽ يزرعيل جي واديءَ وارن وٽ.
17
۽ يشوع يوسف جي گهراڻي کي، يعني افرائيم ۽ منسي کي چيو، تہ اوهين وڏي قوم آهيو ۽ وڏي طاقت وارا آهيو: اوهان کي نہ فقط هڪڙو حصو هوندو،
18
پر اهو جابلو ملڪ اوهان جو ٿيندو؛ ۽ جيتوڻيڪ اُتي جهنگ آهي پر اوهين اُهو وڍي صفا ڪندا، ۽ انهن جون ٻاهريون حدون بہ اوهان جون ٿينديون: ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ زور ڀريا آهن، تہ بہ اوهين هنن کي هڪالي ڪڍندا.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24