bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Joshua 5
Joshua 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
1
۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.
2
انهيءَ وقت خداوند يشوع کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ تکا ڪپ جوڙيو، ۽ بني اسرائيل کي وري ٻيو ڀيرو طهرايو.
3
۽ يشوع تکا ڪپ جوڙيا، ۽ کلڙين جي ٽڪريءَ تي هن بني اسرائيل کي طهرايو.
4
۽ يشوع هنن کي انهيءَ لاءِ طهرايو، جو جيڪي مرد ماڻهو مصر مان نڪري آيا هئا سي سڀ، يعني اُهي سڀيئي جي جنگي مرد هئا، سي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ بيابان ۾ واٽ تي مري ويا هئا.
5
هاڻي جيڪي ماڻهو نڪري آيا هئا سي سڀ طهريل هئا: پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.
6
ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.
7
۽ انهن جو اولاد، جنهن کي هن انهن جي جاءِ تي قائم مقام ڪيو، تن کي يشوع طهرايو: ڇالاءِ جو اهي اڻ طهريل هئا، جو رستي ۾ انهن جو طهر نہ ٿيو هو.
8
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سڀني ماڻهن کي طهرايو، ۽ جيستائين ڪ هو سڀ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا، تيستائين هو منزلگاهہ ۾ پنهنجين جاين تي رهي پيا هئا.
9
۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.
10
پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.
11
۽ فسح جي ٻئي ڏينهن هنن صبح جو انهيءَ ملڪ جو پراڻو اَن، يعني اڻ خمير پيل مانيون، ۽ ڀڳل اَن، انهي ساڳئي ڏينهن کاڌو.
12
۽ انهي ملڪ جي پراڻي اَن کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو من بند ٿي ويئي؛ ۽ بني اسرائيل وٽ وڌيڪ من ڪانہ هئي؛ پر انهيءَ سال هنن ڪنعان جي ملڪ جا ميوا پئي کاڌا.
13
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟
14
۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟
15
۽ خداوند جي لشڪر جي سردار يشوع کي چيو، تہ پنهنجي پير مان جتي لاهہ؛ ڇالاءِ جو جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ آهي. ۽ يشوع ائين ئي ڪيو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24