bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Joshua 20
Joshua 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
1
۽ خداوند يشوع کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
2
بني اسرائيل کي چئُہ تہ پناهہ جا شهر جن بابت موسيٰ جي معرفت مون اوهان کي چيو هو، سي مقرر ڪريو:
3
انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل چڪ ۾ ڪنهن کي ماري وجهي، سو اُنهن ۾ ڀڄي وڃي: اُهي شهر خون جي بدلي وٺڻ واري کان اوهان جي پناهہ جا هنڌ ٿيندا.
4
۽ اهڙو ماڻهو انهن شهرن مان هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي، ۽ شهر جي وڏي در وٽ بيهي اُتي جي بزرگن کي پنهنجو احوال ٻڌائي؛ پوءِ هو انهي کي شهر جي اندر وٺي وڃن، ۽ پنهنجي وچ ۾ رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ هن کي ڏين.
5
۽ جيڪڏهن خون جي بدلي وٺڻ وارو هن جي پٺيان پوي تہ هي ماڻهو انهي خونيءَ کي هن جي حوالي نہ ڪندا؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڀل چڪ ۾ ماريو، ۽ انهي کان اڳي ساڻس ڪو وير ڪونہ هوس.
6
۽ هو تيستائين انهيءَ شهر ۾ رهندو جيستائين هو عدالت جي لاءِ جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿيندو، ۽ جيستائين انهن ڏينهن ۾ جيڪو سردار ڪاهن هجي سو نہ مرندو: تنهن کان پوءِ اُهو خوني موٽي پنهنجي شهر ۾ پنهنجي گهر اچي، يعني جنهن شهر مان هو ڀڄي نڪتو هو.
7
۽ هنن نفتاليءَ واري ڪوهستان ۾، جليل منجهہ قادس، ۽ افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم، ۽ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ قريٿ اربع (جو حبرون آهي)، پناهہ جا شهر مقرر ڪيا.
8
۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.
9
اهي شهر بني اسرائيل لاءِ، ۽ جيڪو مسافر منجهن رهندڙ هجي، تنهن جي لاءِ مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڀل چڪ ۾ ماري وجهي سو انهن ۾ ڀڄي وڃي، ۽ خون جي بدلي وٺڻ واري جي هٿان نہ مري، جيستائين جماعت جي اڳيان وڃي حاضر نہ ٿئي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24