bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Matthew 17
Matthew 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 18 →
1
۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع، پطرس ۽ يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو.
2
۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو، ۽ سندس پوشاڪ روشنيءَ جهڙي نوراني ٿي پيئي.
3
۽ ڏسو، هنن کي موسيٰ ۽ ايلياہ ساڻس ڳالهائيندا نظر آيا.
4
۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: جي تنهنجي مرضي هجي تہ هتي آئون ٽي تنبو کڻي کوڙيان، هڪڙو تولاءِ، ۽ ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.
5
هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.
6
۽ جڏهن شاگردن اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪِري پيا، ۽ ڏاڍو ڊپ اچي ٿين.
7
پوءِ يسوع اچي کين هٿ لائي چيو تہ اُٿو، ۽ ڊپ نہ ڪريو.
8
جڏهن هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو تڏهن يسوع کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺائون.
9
۽ جڏهن اُهي جبل تان هيٺ لٿا، تڏهن يسوع حڪم ڏيئي چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ سو ڪنهن کي متان ٻڌايو.
10
۽ سندس شاگردن پڇيس تہ تڏهن فقيهہ ڇو ٿا چون تہ پهريائين ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟
11
هن ورندي ڏيئي چيو تہ برابر ايلياہ اچي ٿو، اُهو سڀني شين کي موٽائي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو:
12
پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ انهن کيس نہ سڃاتو؛ پر جيڪي وڻين سو هن سان ڪيائون. ساڳيو انهي طرح ابن آدم بہ اُنهن جي هٿان سختيون سهندو.
13
تڏهن شاگردن سمجهيو تہ هو يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي بابت ٿو اسان سان ڳالهہ ڪري.
14
۽ جڏهن اُهي ميڙاڪي وٽ آيا، تڏهن هڪڙو ماڻهو وٽس آيو، ۽ سندس اڳيان سجدو ڪري چوڻ لڳو تہ
15
اي خداوند، منهنجي پٽ تي رحم ڪر، جو هن کي مرگهيءَ جي بيماري آهي ۽ ڏاڍو هلاک آهي، ڇالاءِ جو بعضي هو باهہ ۾ ڪِريو پوي، ۽ بعضي پاڻيءَ ۾؛
16
۽ آئون هن کي تنهنجي شاگردن وٽ وٺي آيس، پر اُهي ڇُٽائي ڪين سگهيس.
17
۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.
18
پوءِ يسوع هن کي جهڻڪيو ۽ ڀوت منجهانئس نڪري ويو، ۽ ڇوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱو ڀلو ٿي پيو.
19
تڏهن شاگردن يسوع وٽ نويڪلائيءَ ۾ اچي چيو تہ اسين انهي کي ڇو ڪين ڪڍي سگهياسون؟
20
۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.
21
(پر اهو قسم دعا ۽ روزي کانسواءِ نڪرڻ جو نہ آهي.)
22
۽ اڃا هو گليل ۾ رهيا پيا هئا، تہ يسوع کين چيو تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو؛
23
۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ ٽئين ڏينهن هو جي اُٿندو. تنهن تي هنن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
24
۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيا، تڏهن جيڪي اڌ مشقال محصول اُڳاڙيندا هئا، سي پطرس وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ اوهان جو اُستاد اڌ مشقال جو محصول ڀريندو آهي يا نہ؟
25
۽ هن چيو تہ هائو. ۽ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن يسوع پهريائين ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ شمعون تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ تہ زمين جا بادشاهہ محصول ڪنهن کان ٿا وصول ڪن؟ پنهنجن پٽن کان يا ڌارين کان؟
26
۽ جڏهن هن چيو تہ ڌارين کان، تڏهن يسوع چيس تہ پٽ آجا آهن.
27
پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28