bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Matthew 3
Matthew 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 4 →
1
انهن ڏينهن ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ پٽ ۾ منادي ڪندو آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ
2
اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.
3
هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.
4
هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.
5
تڏهن يروشلم، ۽ ساري يهوديہ، ۽ يردن جي آس پاس واري ملڪ جا سڀ رهاڪو وٽس هلي آيا؛
6
۽ انهن پنهنجا گناهہ باسي، يردن نديءَ ۾ هن کان بپتسما ورتي.
7
پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟
8
تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن:
9
۽ پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ ڀانئيو، تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي؛ ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم جي لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.
10
بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو.
11
آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.
12
جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.
13
تنهن کان پوءِ يسوع بپتسما وٺڻ لاءِ گليل مان نڪري يردن ڏانهن يوحنا وٽ آيو.
14
پر يوحنا منع ڪرڻ لڳس، تہ مون کي تہ پاڻ توکان بپتسما وٺڻ گهرجي، ۽ تون مون وٽ ٿو اچين؟
15
مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.
16
۽ جڏهن يسوع بپتسما وٺي رهيو، تڏهن يڪدم پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ ڏسو تہ آسمان سندس لاءِ کُلي پيو، ۽ هن خدا جو روح ڪبوتر وانگر لهندو ۽ پاڻ تي ايندو ڏٺو.
17
۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28