bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Matthew 28
Matthew 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
1
هاڻي سبت کانپوءِ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي، تڏهن مريم مگدليني ۽ هوءَ ٻي مريم قبر ڏسڻ آيون.
2
۽ ڏسو، ڏاڍو زور جو زلزلو ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان لٿو، ۽ پهڻ کي ليٽائي پاسي ڪري، انهي تي چڙهي ويٺو.
3
هن جي شڪل وڄ جهڙي هئي، ۽ سندس پوشاڪ اڇي برف جهڙي،
4
۽ انهي جي ڊپ کان پهري وارا ڏڪي ويا، ۽ مڙدن وانگر ٿي پيا.
5
۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.
6
اهو هتي ڪونهي؛ ڇوتہ جيئن هن پاڻ چيو هو، تيئن جي اُٿيو آهي.
7
اچو جتي خداوند ليٽيو پيو هو؛ اُها جاءِ ڏسو، ۽ جلد وڃي سندس شاگردن کي چئو تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ اِجهو اوهان کان اڳي گليل ۾ پيو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا: مون اوهان کي چئي ڇڏيو آهي.
8
۽ اُهي سگهو ئي ڊپ ۽ گهڻيئي خوشيءَ سان قبر وٽان نڪتيون، ۽ هن جي شاگردن کي خبر ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ويون.
9
۽ ڏسو، يسوع کين گڏيو، ۽ چيائين تہ سلام، ۽ هنن اچي پيرن تي ڪِري کيس سجدو ڪيو.
10
تڏهن يسوع هنن کي چيو تہ ڊڄو نہ: وڃي منهنجن ڀائرن کي چئو تہ اوهين گليل ڏانهن وڃو، ۽ اُتي مون کي ڏسندا.
11
هاڻي هو اوڏانهن پئي ويون، تہ ڏسو، پهري وارن مان ڪي شهر ۾ آيا، ۽ جيڪي ٿي گذريو هو سو سڀ سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون.
12
۽ جڏهن هنن بزرگن سان گڏجي صلاح مشورت ڪئي، تڏهن سپاهين کي گهڻا پئسا ڏيئي چيائون،
13
تہ اوهين چئو تہ رات جو جڏهن اسين سمهيا پيا هئاسين، تڏهن هن جا شاگرد آيا ۽ کيس چورائي کڻي ويا.
14
۽ جي اها ڳالهہ حاڪم جي ڪَن تي پيئي، تہ اسين پاڻهي هن کي سمجهائينداسين، ۽ اوهان کي خطري کان بچائي وٺنداسين.
15
تڏهن هنن اُهي پئسا ورتا ۽ جيئن کين سيکاريو هئائون تيئن ڪيائون: ۽ اها ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي.
16
پر اُهي يارهن شاگرد گليل ۾ انهي جبل ڏانهن ويا، جتي يسوع حڪم ڏيئي ڇڏيو هُئن.
17
۽ جڏهن کيس ڏٺائون، تڏهن سجدو ڪيائونس، پر ڪي شڪ ۾ هئا.
18
۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.
19
تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:
20
۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28