bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Song of Solomon 2
Song of Solomon 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 3 →
1
آءٌ شارون جو گلاب آهيان، آءٌ وادين جو سوسن آهيان.
2
جيئن سوسن ڪنڊن ۾ آهي، تيئن منهنجي محبوبہ ڪنوارين ۾ آهي.
3
جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.
4
هن مون کي مجلس جي جاءِ ۾ آندو، ۽ هن جو جهنڊو منهنجي مٿان محبت هو.
5
اوهين مون کي ڪشمش سان آرام ڏيو، ۽ صوفن سان مونکي تازو توانو ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ محبت جي بيمار آهيان.
6
هن جو کٻو هٿ منهنجي مٿي هيٺان آهي، ۽ هن جي سڄي هٿ جو مون کي ڀاڪر پيل آهي.
7
اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پياري کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.
8
اِجهو منهنجي محبوب جو آواز! ڏس، هو جبلن تان ٽپندو ۽ ٽڪرن تان ڊوڙندو اچي ٿو.
9
منهنجو محبوب هڪڙي هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو آهي: ڏس، هو اسان جي ڀت جي پٺيان بيٺو آهي، هو درين مان جهاتيون پائي ٿو، هو ڳڙکين مان پاڻ ڏيکاري ٿو.
10
منهنجي محبوب مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، اُٿي هلي اچ.
11
ڇالاءِ جو ڏس، سيارو گذري ويو آهي، مينهن بس ٿي لنگهي ويو آهي؛
12
زمين تي گل نڪتا آهن؛ پکين جي ڳائڻ جي موسم آئي آهي، ۽ ڳيري جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ پيئي ٻڌجي؛
13
انجير جو وڻ پنهنجا ساوا انجير پچائي ٿو، ڊاکن ٻور جهليو آهي، ۽ انهن مان خوشبوءِ پيئي اچي. اُٿ، اي منهنجي پياري، منهنجي نازنين، هلي اچ.
14
اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.
15
اسان جي لاءِ تون لومڙيون، ننڍيون لومڙيون پڪڙ، جي ڊاک جو منهہ زيان ٿيون ڪن؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڊاک جي منهہ ٻوُر ڪيو آهي.
16
منهنجو محبوب منهنجو آهي، ۽ آءٌ سنديس آهيان: هو پنهنجو گلو سوسن ۾ ٿو چاري.
17
جيستائين ڏينهن ٿڌو ٿئي، ۽ پاڇو لهي، تيستائين اي منهنجا محبوب موٽي اچ، بلڪ تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگهي جهڙو ٿي، جو باتر جي جبلن تي آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8