bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Song of Solomon 3
Song of Solomon 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 4 →
1
جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي رات جو مون پنهنجي هنڌ تي ڳوليو: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.
2
مون چيو تہ هاڻي آءٌ اُٿنديس، ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس، تہ جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسُولن تي ڳوليان: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.
3
پهري وارا، جي شهر جي چوڌاري پيا گهمن، تن مون کي ڏٺو: انهن کي مون چيو تہ اوهان ڪو هن کي ڏٺو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي؟
4
اڃا آءٌ ٿورو هنن وٽان اڳتي هليس، تہ مون هن کي لڌو، جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي: مون جهليومانس، ۽ وڃڻ ڪين ڏنومانس، جيستائين مون هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ اُنهيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ جنهن مون کي ڄڻيو هو.
5
اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان، انهن هرڻين جو ۽ ميدان جي ڄانگهن جو، تہ اوهين پيار کي نہ اُٿاريو، نہ جاڳايو، جيستائين ڪہ هو پاڻ اُٿڻ گهري.
6
اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟
7
ڏس اها سليمان جي پالڪي آهي؛ انهيءَ جي چوڌاري سٺ اسرائيل جا زور ڀريا ماڻهو آهن.
8
اُهي سڀ ترار مار ۽ جنگ ۾ هوشيار آهن: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي رات جي خوف کان سندس ترار سندن ران تي ٻڌل آهي.
9
بادشاهہ سليمان پنهنجي لاءِ لبنان جي ڪاٺ جي پالڪي جوڙائي،
10
هن انهيءَ جا ٿنڀ چانديءَ جا جوڙايا، ۽ انهيءَ جو ترو سون جو، انهيءَ جي ويهڻ جي جاءِ واڱڻائي رنگ جي هئي، ۽ انهيءَ جي وچ جي فرشبندي يروشلم جي ڌيئرن جي محبت سان ڪئي ويئي.
11
اي صيون جون ڌيئون، اوهين ٻاهر وڃي بادشاهہ سليمان ڏسو، جنهن کي اُهو ڇٽ پيو آهي جو سندس مڱڻيءَ جي ڏينهن، ۽ سندس دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، ماڻس ڍڪايو هو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8