bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Revelation 20
Revelation 20
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 21 →
1
اُن کان پوءِ مون ھڪڙي ملائڪ کي آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو، جنھن جي ھٿ ۾ اوڙاھہ جي ڪنجي ۽ ھڪڙو وڏو زنجير ھو.
2
ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.
3
ھُن کيس انھيءَ اوڙاھہ ۾ اڇلائي اُتي بند ڪري ڇڏيو ۽ مٿس مُھر ھڻي ڇڏيائين، تہ جيئن ھزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراھہ نہ ڪري. انھيءَ کان پوءِ ضروري آھي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.
4
پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا.
5
جيستائين ھزار سال پورا نہ ٿيا، تيستائين ٻيا مُڙدا جيئرا نہ ٿيا. اھو پھريون جيئرو ٿي اٿڻ آھي.
6
سڀاڳو ۽ پاڪ آھي اُھو، جيڪو انھيءَ پھرين جيئري ٿي اٿڻ ۾ شريڪ ٿو ٿئي. اھڙن ماڻھن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نہ ٿو ھلي. اُھي خدا ۽ مسيح جا ڪاھن ٿيندا ۽ ساڻس گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا.
7
جڏھن ھزار سال پورا ٿيندا تہ شيطان کي قيد مان ڇڏايو ويندو.
8
ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي.
9
ھو زمين جي مٿان چوڌاري پکڙجي ويندا ۽ خدا جي قوم جي لشڪرگاھہ ۽ پياري شھر کي وڪوڙي ويندا. پر آسمان مان باھہ نڪرندي ۽ انھن کي تباھہ ڪري ڇڏيندي.
10
پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.
11
پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.
12
مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو.
13
جيڪي بہ مُڙدا سمنڊ، موت ۽ عالم ارواح ۾ ھئا سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ ھر ھڪ جو انصاف انھيءَ جي عملن مطابق ڪيو ويو.
14
ان کان پوءِ موت ۽ عالم ارواح باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايا ويا. اھا باھہ جي ڍنڍ ٻيو موت آھي.
15
جنھن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنھن کي انھيءَ باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22