bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Revelation 4
Revelation 4
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 5 →
1
انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“
2
ھڪدم آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ ڏٺم تہ آسمان ۾ ھڪڙو تخت رکيل ھو ۽ انھيءَ تخت تي ڪو ويٺو ھو.
3
جيڪو انھيءَ تي ويٺو ھو، سو زبرجد ۽ عقيق جھڙو نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ ھئي جا ڏسڻ ۾ زمرد جھڙي ھئي.
4
انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.
5
انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.
6
تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.
7
پھريون ساھوارو شينھن جھڙو ھو، ٻيو گابي جھڙو، ٽئين جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ھو ۽ چوٿون ساھوارو اڏامندڙ عقاب جھڙو ھو.
8
انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“
9
جڏھن اھي ساھوارا انھيءَ جي تعظيم، عزت ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳائين ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو،
10
تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ
11
”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِجو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22