bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Revelation 7
Revelation 7
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 8 →
1
انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.
2
پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ
3
”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“
4
مون ٻڌو تہ جن کي مُھر ھنئي ويئي، تن جو تعداد ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ھو. اھي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن مان ھئا، يعني:
5
يھوداہ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي، روبن جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، گد جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،
6
آشر جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،
7
شمعون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، لاويءَ جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، اِسڪار جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي،
8
زبولون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي.
9
انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.
10
اُھي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو اسان جي خداوند جي طرفان آھي، جيڪو تخت تي ويٺو آھي، ۽ گھيٽي جي طرفان بہ.“
11
سڀيئي ملائڪ ان تخت، انھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ تخت جي اڳيان منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري
12
چوڻ لڳا تہ ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف، جلال، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت، ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“
13
انھن بزرگن مان ھڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي پاڪ صاف پھراڻ پايو بيٺا آھن، اُھي ڪير آھن ۽ ڪٿان آيا آھن؟“
14
مون جواب ڏنو تہ ”اي منھنجا سائين! توھان ئي ڄاڻو ٿا.“ ھن مون کي چيو تہ ”ھي اُھي آھن جيڪي وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آھن. انھن پنھنجا پھراڻ ڌوتا ۽ گھيٽي جي رت ۾ پاڪ صاف ڪيا آھن.
15
انھيءَ ڪري ھي خدا جي تخت جي اڳيان آھن ۽ رات ڏينھن سندس ھيڪل ۾ عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، سو ھنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو.
16
انھن کي وري ڪڏھن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي.
17
ڇالاءِجو گھيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آھي، سو ھنن جو ڌنار ٿيندو ۽ کين آبِحيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو.“
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22