bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Revelation 8
Revelation 8
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 9 →
1
جڏھن گھيٽي ستين مُھر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.
2
پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا.
3
ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو، جنھن جي ھٿ ۾ سونو خوشبودان ھو. اھو قربانگاھہ وٽ اچي بيٺو ۽ کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن خدا جي سڄي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ سوني قربانگاھہ تي چاڙھي جيڪا تخت جي اڳيان ھئي.
4
اھو لوبان جو دونھون خدا جي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ ملائڪ جي ھٿان مٿي ويو، جيڪو خدا جي آڏو بيٺو آھي.
5
پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربانگاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.
6
تنھن کان پوءِ جن ستن ملائڪن وٽ ست توتارا ھئا، تن اُھي وڄائڻ جي تياري ڪئي.
7
پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.
8
ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باھہ سان ٻرندڙ ھڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.
9
سمنڊ جي مخلوق جو ٽيون حصو مري ويو ۽ جھازن جو بہ ٽيون حصو تباھہ ٿي ويو.
10
جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.
11
انھيءَ تاري جو نالو ”گوماندر“ آھي، جنھن سان پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪڙو ٿي پيو ۽ پاڻي ڪڙي ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا.
12
چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو.
13
پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22