bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Timothy 1
1 Timothy 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 2 →
1
هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد مسيح يعني عيسيٰ جي حڪم سان سندس رسول آهيان.
2
هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.
3
جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي تعليم نہ ڏين،
4
نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ بيانتها نسبنامن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ خدا جي انهيءَ انتظام جو جيڪو ايمان رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.
5
منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اها محبت پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا نيڪ نيتيءَ، صافدليءَ ۽ سچي ايمان مان پيدا ٿئي ٿي.
6
ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان ڀٽڪي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن.
7
اهي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.
8
اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت چڱي آهي، بشرطيڪ انهيءَ کي صحيح نموني ۾ استعمال ڪيو وڃي.
9
اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهي آهي. پر اها نافرمانن ۽ فسادين، بيدينن ۽ گنهگارن، خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهي آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.
10
اها زناڪارن ۽ لونڊيبازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.
11
اها صحيح تعليم سڳوري خدا جي انهيءَ عظمت ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.
12
اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح ، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي.
13
جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.
14
بيشڪ، اسان جي خداوند خدا جو فضل مون تي نهايت ئي گھڻو ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري ايمان ۽ محبت عطا ٿي.
15
اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ عيسيٰ مسيح گنهگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو گنهگار آءٌ آهيان.
16
انهيءَ سبب ئي خدا مون تي رحم ڪيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو پورو پورو تحمل ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.
17
هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
18
اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.
19
ڪن ماڻهن پنهنجي ضمير کي ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.
20
همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6