bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Timothy 4
1 Timothy 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 5 →
1
پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.
2
اهڙيون ڳالهيون انهن ڪوڙن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿينديون، جن جي ضمير کي شيطان ڏنڀ هڻي پنهنجو ظاهر ڪيو آهي.
3
اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.
4
خدا جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي خدا جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،
5
ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ خدا جي فرمان ۽ ماڻهن جي دعا جي ڪري پاڪ ٿي پوي ٿو.
6
جيڪڏهن تون ايمان وارن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ ايمان وارين ڳالهين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.
7
اجاين ۽ سکڻين ڪهاڻين تي ڌيان نہ ڏي، اٽلندو پاڻ ۾ دينداريءَ جي پرورش ڪر.
8
انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.
9
اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي.
10
انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيئري خدا تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي.
11
اهي ڳالهيون سيکاريندي ماڻهن کي مٿن عمل ڪرڻ جو حڪم ڏي.
12
ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.
13
جيستائين آءٌ اچان تيستائين ماڻهن ۾ پاڪ لکتون پڙهي ٻڌائڻ، نصيحت ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ.
14
جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.
15
انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.
16
پاڻ کي ۽ پنهنجي تعليم کي جاچيندو رهہ. انهن هدايتن تي ثابت قدم رهہ، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون پنهنجي ۽ پنهنجي ٻڌڻ وارن جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻبين.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6