bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Timothy 3
1 Timothy 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 4 →
1
اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو ڪليسيا ۾ نگهبان جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.
2
تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهماننواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.
3
هو نشئي نہ هجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم هجي. هو جھيڙو ڪندڙ يا پئسي جو لالچي نہ هجي.
4
هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي.
5
ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟
6
هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي.
7
انهيءَ کان علاوہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن، تن ۾ بہ هو نيڪ نام هجي، انهيءَ لاءِ تہ متان ملامت هيٺ اچي ۽ ابليس جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.
8
ساڳيءَ طرح ڪليسيا جا خدمتگار بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہچاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.
9
اهي ايمان وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.
10
هي بہ ضروري آهي تہ پهريائين انهن کي پرکيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خدمتگار طور ڪم ڪن.
11
ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.
12
هر هڪ خدمتگار پنهنجي زال سان وفادار هجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ پنهنجي گھر جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪندڙ هجي.
13
سو جيڪي خدمتگار چڱيءَ طرح خدمت ٿا ڪن، سي چڱو درجو ٿا ماڻين ۽ جيڪو ايمان کين عيسيٰ مسيح تي آهي تنهن ۾ وڏي دليري حاصل ڪن ٿا.
14
مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان
15
جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ خدا جو گھراڻو جيڪو جيئري خدا جي ڪليسيا ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.
16
انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6