bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Timothy 2
1 Timothy 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 3 →
1
هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، التجائون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن.
2
خاص ڪري بادشاهن ۽ سڀني اختياريءَ وارن لاءِ دعا گھرو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پوري دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذاريون.
3
اها ڳالهہ چڱي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ وڻندڙ آهي.
4
هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن.
5
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو خدا هڪڙو ئي آهي ۽ خدا ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو انسان آهي.
6
هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.
7
انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.
8
منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن.
9
منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ عورتون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان،
10
بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن عورتن کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.
11
عورتن کي گھرجي تہ خاموش رهندي پوري تابعداريءَ سان تعليم حاصل ڪن.
12
آءٌ اجازت نہ ٿو ڏيان تہ عورتون مردن کي تعليم ڏين يا مٿن حڪم هلائين، بلڪ اهي خاموش رهن.
13
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پهريائين آدم جوڙيو ويو ۽ پوءِ حوا.
14
اهو بہ آهي تہ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر حوا يعني عورت ٺڳجي ويئي ۽ خدا جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائين.
15
تنهن هوندي بہ عورت ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6