bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hebrews 1
Hebrews 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 2 →
1
اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو.
2
پر هاڻي هن آخري زماني ۾ خدا اسان سان پنهنجي فرزند جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.
3
اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
4
اهڙيءَ طرح هو ملائڪن کان اوتري قدر عظيم ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي ملائڪ نالي کان عظيم نالو ورثي ۾ مليو.
5
ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي هيئن فرمايو جيئن عيسيٰ کي فرمايائين تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان“؟ يا ڪنهن ملائڪ بابت هي فرمايو اٿائين تہ ”آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو“؟
6
وري جڏهن هو پنهنجي پهريتي فرزند کي دنيا ۾ موڪلي ٿو، تڏهن فرمائي ٿو تہ ”مون خدا جا سڀ ملائڪ هن کي سجدو ڪن.“
7
ملائڪن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ملائڪن کي هوائون، بلڪ پنهنجي انهن خادمن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“
8
پر پنهنجي فرزند کي هو فرمائي ٿو تہ ”اي خدا! تنهنجو تخت هميشہ هميشہ تائين قائم رهندو. تنهنجي حڪومت انصاف واري حڪومت آهي.
9
تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“
10
هو فرزند کي هيئن بہ فرمائي ٿو تہ ”اي خداوند! تو شروع ۾ زمين کي بڻايو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن.
11
اهي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون قائم رهندين. اهي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.
12
تون انهن کي چادر وانگر مَٽائي ويڙهي ڇڏيندين. هائو، انهن کي پراڻي پوشاڪ وانگر بدلائيندين. پر تون اهڙو جو اهڙو ئي رهندين، ۽ تنهنجي زندگي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“
13
ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟
14
ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13