bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hebrews 8
Hebrews 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 9 →
1
انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آسمان تي عظيم خدا جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.
2
اتي هو انهيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو حقيقي مقدس خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آهي.
3
جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.
4
جيڪڏهن هو اڃا زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن شريعت مطابق مقرر ٿي نذرانا چاڙهيندا آهن.
5
هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“
6
پر هاڻي عيسيٰ کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر خدمت ملي آهي، جيتري قدر پراڻي عهد کان اهو عهد بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو عهد خدا جي بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.
7
ڏسو، جيڪڏهن انهيءَ پهرئين عهد ۾ گھٽتائي نہ هجي ها تہ ڪنهن ٻئي عهد ٻڌجڻ جو سبب ئي پيدا نہ ٿئي ها.
8
سو خدا پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون عهد ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پاڪ ڪلام ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون عهد ٻڌندس.
9
اهو انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ عهد تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.
10
پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.
11
پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هموطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’ خداوند کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.
12
انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“
13
خدا هن عهد کي نئون چئي پهرئين عهد کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13