bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hebrews 6
Hebrews 6
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 7 →
1
تنهنڪري اچو تہ مسيح بابت بنيادي ڳالهين کان اڳتي بلوغت ڏانهن وڌندا هلون. هائو، انهن بنيادي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، جهڙوڪ: موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبهہ ڪري خدا تي ايمان آڻڻ،
2
هٿ منهن ڌوئڻ جي ريتن رسمن ۽ مخصوص ڪرڻ يا برڪت گھرڻ لاءِ هٿن رکڻ بابت توڙي مئلن جي وري جيئري ٿيڻ ۽ دائمي عدالت بابت تعليم.
3
جيڪڏهن خدا گھريو تہ اسين انهن ڳالهين کان اڳتي وڌنداسين.
4
پر هيءَ ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ جن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ سان گڏ آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آهي، پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آهن
5
۽ خدا جي چڱي پيغام ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون،
6
پر ان جي باوجود بہ اهي عيسيٰ مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ خدا جي فرزند کي ٻيهر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن جي بيحرمتي ٿا ڪن.
7
ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿئي ٿي.
8
پر جيڪا زمين ڪَنڊا ۽ ڪانڊيرا ٿي اُپائي، سا ڪنهن ڪم جي ناهي. انهيءَ تي جلد ئي لعنت اچي پوي ٿي ۽ آخرڪار انهيءَ تي باهہ لڳائي وڃي ٿي.
9
پر اي عزيزؤ! جيتوڻيڪ اسين اهي ڳالهيون لکون ٿا، تڏهن بہ اوهان جي باري ۾ انهن بهترين ڳالهين جو يقين ٿا رکون، جيڪي ڇوٽڪاري سان لاڳو آهن.
10
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا بيانصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.
11
اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هر ڪو خدمت ڪرڻ ۾ ساڳي سرگرمي پڇاڙيءَ تائين ڏيکاريندو رهي، تہ جيئن جن ڳالهين جي اوهين اميد رکو ٿا سي پوريون ٿين.
12
سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.
13
خدا جڏهن ابراهيم سان واعدو ڪيو تڏهن هن پنهنجو ئي قسم کنيو، ڇاڪاڻ تہ کانئس وڏو ڪوبہ نہ آهي.
14
ان وقت خدا کيس فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندي تنهنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“
15
انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.
16
ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن.
17
ساڳئي نموني خدا بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي.
18
سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.
19
اها اميد اسان لاءِ سامونڊي جهاز جي مضبوط ۽ قائم رهندڙ لنگر مثل آهي، جيڪا پردي جي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ پهچي ٿي جتي خدا رهي ٿو.
20
اتي عيسيٰ هميشہ جي لاءِ ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13