bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Hebrews 4
Hebrews 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 5 →
1
بني اسرائيل سان آرام ڏيڻ وارو اهو واعدو اڃا قائم آهي جيڪو اسان جي لاءِ بہ آهي. هاڻي اسان کي خبردار رهڻ گھرجي تہ متان اسان مان بہ ڪو آرام حاصل ڪرڻ کان پوئتي رهجي نہ وڃي.
2
ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.
3
انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي اعتبار رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ خدا فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ دنيا جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو.
4
اهو بيان ڪندي پاڪ ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”خدا پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“
5
هي اهو ساڳيو آرام آهي جنهن جو ذڪر هلي رهيو آهي تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.“
6
هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي.
7
تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پاڪ لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“
8
ڏسو، يشوع بني اسرائيل جي ٻي پيڙهيءَ کي انهيءَ ملڪ يعني ڪنعان ۾ تہ آندو، پر کين آرام ڪونہ مليو. جيڪڏهن ان وقت کين آرام ملي ها، تہ بعد ۾ آرام ڏيڻ لاءِ خدا ڪنهن ٻئي ڏينهن جو ذڪر نہ ڪري ها.
9
انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ خدا جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو خدا جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي.
10
سو جنهن کي خدا کان آرام ملي ٿو، سو خدا وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو.
11
تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.
12
انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہمنهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.
13
ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.
14
تنهنڪري اچو تہ انهيءَ ايمان تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عظيم سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو عرش عظيم تي خدا وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ.
15
اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ بيگناهہ رهيو.
16
تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان خدا جي فضل واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي اهو فضل عطا ڪري جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13