bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Kings 15
1 Kings 15
Sindhi Bible
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 16 →
1
هاڻي بادشاهہ يربعام بن نباط جي ارڙهين ورهيہ ۾، ابيام يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
هن يروشلم ۾ ٽي ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو ۽ اُها ابي سلوم جي ڌيءَ هئي.
3
۽ هو پنهنجي پيءُ جي اُنهن سڀني گناهن تي هليو، جي هن کانئس اڳي ڪيا هئا: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي سالم نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي.
4
انهيءَ هوندي بہ دائود جي خاطر، خداوند سندس خدا هن کي يروشلم ۾ هڪڙو ڏيئو ڏنو، يعني کانئس پوءِ سندس پٽ کي سندس جاءِ تي ويهاريائين ۽ يروشلم کي قائم ڪيائين:
5
ڇالاءِ جو دائود اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ۽ جيڪو حڪم هن ڏنو هوس تنهن کان ساري عمر هو ڦري نہ ويو، سواءِ اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ ۾.
6
هاڻي رحبعام ۽ يربعام جي وچ ۾ سندس ساري ڄمار تائين جنگ پئي هلي.
7
۽ ابيام جا باقي ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو سو يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟ ۽ ابيام ۽ يربعام جي وچ ۾ بہ جنگ لڳي آئي.
8
۽ ابيام وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو؛ ۽ هن کي دائود جي شهر ۾ دفن ڪيائون: ۽ اُنهيءَ جي جاءِ تي سندس پٽ آسا بادشاهہ ٿيو.
9
۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ويهين ورهيہ ۾، آسا يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
10
۽ هن يروشلم ۾ ايڪيتاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو معڪہ هو، جا ابي سلوم جي ڌيءَ هئي.
11
۽ آسا اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
12
۽ هن لونڊي باز ماڻهن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ جيڪي بت هن جي ابن ڏاڏن جوڙيا هئا سي سڀ هن ڪڍي ڇڏيا.
13
۽ پنهنجي ماءُ معڪہ کي بہ هن راڻي ٿيڻ کان برطرف ڪيو، ڇالاءِ جو هن هڪڙي يسيرت جي لاءِ هڪڙي ڪراهت جهڙي مورت بنائي هئي؛ ۽ آسا اُها مورت وڍي ڪيرائي ڇڏي، ۽ قدرون نهر وٽ اُها ساڙي ڇڏيائين.
14
پر مٿانهيون جايون ڊاهيون نہ ويون: انهيءَ هوندي بہ آسا جي دل ساري عمر خداوند سان ڪامل هئي.
15
۽ جيڪي شيون هن جي پيءُ وقف ڪيون هيون، ۽ جيڪي شيون هن پاڻ وقف ڪيون هيون، چاندي ۽ سون ۽ باسڻ، سي هن خداوند جي گهر ۾ آندا.
16
۽ آسا، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ سندن ساري ڄمار جنگ پئي هلي.
17
۽ اسرائيل جو بادشاهہ بعشا يهوداہ تي ڪاهي ويو، ۽ رامہ جوڙيائين، انهيءَ لاءِ تہ هو ڪنهن کي بہ يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ وڃڻ يا اچڻ نہ ڏئي.
18
تنهن کان پوءِ خداوند جي گهر جي خزاني ۾ جيڪو روپو ۽ سون بچيو هو سو، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا، آسا کڻي پنهنجن نوڪرن جي هٿ ۾ ڏنا: ۽ بادشاهہ آسا اُهي بن هدد، بن طبرمون، بن حزيون، ارام جي بادشاهہ کي ڏيئي ڇڏيا، جو دمشق ۾ رهندو هو ۽ چوائي موڪليائينس تہ
19
منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي پيءُ جي وچ ۾ عهدنامو آهي: ڏس مون تو ڏانهن سون ۽ چاندي تحفو ڪري موڪليو آهي؛ وڃي اسرائيل جي بادشاهہ بعشا سان پنهنجو عهد ڀڃ تہ هو مون وٽان هليو وڃي.
20
۽ بن هدد بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين، ۽ عيون، ۽ دان، ۽ ابيل بيت معڪہ، ۽ سڄي ڪنرت کي، نفتاليءَ جي ساري ملڪ سميت ماريائين.
21
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بعشا اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هن رامہ جوڙائڻ بند ڪري ڇڏيو، ۽ ترضہ ۾ رهڻ لڳو.
22
تڏهن بادشاهہ آسا ساري يهوداہ ۾ اشتهار ڪرايو؛ ڪنهن کي بہ ڇڏي نہ ڏنائين: سڀيئي رامہ جا پٿر ۽ ان جو ڪاٺ، جو بعشا ڪم ٿي آندو، سو کڻي ويا؛ ۽ اُنهن سان بادشاهہ آسا بنيمين وارو جبعہ ۽ مصفاہ جوڙايو.
23
هاڻي آسا جا باقي ٻيا سڀ ڪم، ۽ سندس ساري طاقت، ۽ ٻيو جيڪي ڪيائين، ۽ جي شهر هن جوڙايا، سي سڀ يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ پر سندس پيريءَ جي وقت هن کي پيرن جو مرض ٿي پيو.
24
۽ آسا پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ يهوسفط سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
25
۽ ندب بن يربعام، يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٻئي سال ۾ اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي
26
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رستي تي، ۽ جيڪو گناهہ هن اسرائيل کي گنهگار ڪرڻ ۾ ڪيو هو تنهن تي هليو.
27
۽ بعشا بن اخياہ، جو اشڪار جي گهراڻي مان هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ بعشا اُنهيءَ کي جبتون ۾ ماريو، جو شهر فلستين جو هو؛ ڇالاءِ جو ندب ۽ ٻين سڀني اسرائيلين جبتون کي گهيرو ڪيو هو.
28
يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٽئين ورهيہ ۾ بعشا هن کي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ هن جي جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
29
۽ هيئن ٿيو تہ بادشاهہ ٿيڻ شرط هن يربعام جي ساري خاندان کي مارائي ڇڏيو: يربعام جي نسل مان تيسين ڪوبہ جيئرو نہ ڇڏيائين جيسين انهيءَ کي چٽ نہ ڪيائين؛ جيئن ڪ خداوند پنهنجي ٻانهي اخياہ سيلانيءَ جي معرفت ڪلام ڪيو هو:
30
ڇالاءِ جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪيو، ۽ اسرائيل کان بہ گناهہ ڪرايائين؛ جنهنڪري هن خداوند اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو.
31
هاڻي ندب جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، سو اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟
32
۽ آسا ۽ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي وچ ۾ جنگ لڳي آئي.
33
يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي ٽئين سال ۾ بعشا بن اخياہ ترضہ ۾ ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، ۽ چوويهہ ورهيہ بادشاهي ڪيائين.
34
۽ هن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي، ۽ هو يربعام جي رستي تي، ۽ جيڪو گناهہ هن ڪيو جنهنڪري اسرائيل کان گناهہ ڪرايائين، تنهن تي هليو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22