bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Kings 6
1 Kings 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 7 →
1
بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو.
2
۽ جيڪو گهر بادشاهہ سليمان خداوند جي لاءِ جوڙيو تنهن جي ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ان جي ويڪر ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي.
3
۽ گهر جي پاڪ جاءِ جي اڳيان جيڪو ورانڊو هو، تنهن جي ڊيگهہ گهر جي ويڪر جيتري ويهہ هٿ هئي، ۽ انهي ورانڊي جي ويڪر گهر جي اڳيان ڏهہ هٿ هئي.
4
۽ گهر جي لاءِ هن پڪيون جعفري واريون دريون جوڙايون.
5
۽ گهر جي ڀت تي هن چوڌاري، يعني گهر جي ڀتين تي، جهڙو پاڪ جاءِ جي، تهڙو الهامگاهہ جي چوڌاري، طبقا جوڙايائين: ۽ هن چوڌاري پاسي واريون ڪوٺيون بہ جوڙايون:
6
سڀ کان هيٺيون طبقو پنج هٿ ويڪرو هو، ۽ وچون ڇهہ هٿ ويڪرو هو، ۽ ٽيون ست هٿ ويڪرو هو: ڇالاءِ جو ٻاهران گهر جي چوڌاري ڀت ۾ هن ٽيڪون جوڙايون، انهيءَ لاءِ تہ ڪامون گهر جي ڀتين ۾ کپُ نہ ڪن.
7
۽ جڏهن گهر جڙڻ لڳو، تڏهن کاڻ وٽ تيار ڪيل پٿرن سان اُهو جوڙيو ويو: ۽ نہ مُترڪي، نہ ڪهاڙي ۽ نہ ٻئي ڪنهن لوهہ جي اوزار جو آواز، گهر جوڙيندي گهر منجهہ ٻڌڻ ۾ آيو.
8
وچين پاسي وارين ڪوٺين جو در گهر جي سڄي هٿ واري پاسي هو: ۽ ماڻهو گول ڏاڪڻ جي رستي وچين ڪوٺين ۾ ٿي ويا، ۽ وچين مان وري ٽئين طبقي وارين ڪوٺين ۾.
9
انهيءَ طرح هن گهر جوڙي پورو ڪيو؛ ۽ هن گهر تي ديودار جون ڪامون ۽ تختا رکي انهيءَ کي ڍڪيو.
10
۽ هن ساري گهر جي مٿان طبقا جوڙايا، هرهڪ پنج هٿ مٿي هو: ۽ اُهي ديودار جي ڪاٺ تي گهر جي مٿان بيٺل هئا.
11
۽ خداوند جو ڪلام سليمان وٽ آيو، تہ
12
هي جيڪو گهر تون جوڙين ٿو، تنهن جي نسبت ۾ جيڪڏهن تون منهنجن قانونن تي هلندين، ۽ منهنجن فيصلن جي تعميل ڪندين، ۽ منهنجا سڀ حڪم بجا آڻي انهن تي هلندين؛ تہ جيڪي ڳالهيون مون تنهنجي پيءُ دائود سان ڪيون آهن سي قائم رکندس.
13
۽ آءٌ بني اسرائيل منجهہ رهندس ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي ڇڏي نہ ڏيندس.
14
۽ نيٺ سليمان گهر جوڙائي پورو ڪيو.
15
۽ هن گهر جون ڀتيون اندران ديودار جي تختن سان جوڙايون؛ گهر جي فرش کان وٺي ڇت جي ڀتين تائين هن اُنهن کي اندران تختن سان ڍڪيو: ۽ گهر جي فرش کي هن صنوبر جي تختن سان ڍڪيو.
16
۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا.
17
۽ اهو گهر، يعني الهامگاهہ جي اڳ واري پاڪ جاءِ، چاليهہ هٿ ڊگهي هئي.
18
۽ اندران گهر تي جيڪو ديودار جو ڪاٺ هو، تنهن تي لاٽون ۽ کليل گل اُڪريل هئا: سمورو ديودار جو ڪاٺ هو؛ پٿر اصل ڏسڻ ۾ نٿي آيو.
19
۽ اندران گهر جي وچ ۾ هن هڪڙو الهامگاهہ تيار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ۾ خداوند جي عهدنامي واري صندوق رکي.
20
۽ الهامگاهہ جي اندر جيڪا جاءِ ٿي آئي سا ويهہ هٿ ڊگهي، ۽ ويهہ هٿ ويڪري، ۽ ويهہ هٿ اوچي هئي؛ ۽ هن انهيءَ تي نج سون لڳايو: ۽ قربانگاهہ کي ديودار جي ڪاٺ سان ڍڪي ڇڏيائين.
21
انهيءَ طرح سليمان گهر کي اندران نج سون لڳايو: ۽ سون جا زنجير الهامگاهہ جي اڳيان ٻڌي ڇڏيائين؛ ۽ اُنهيءَ تي هن سون چاڙهيو.
22
۽ ساري گهر تي هن سون مڙهيو، ۽ سارو گهر جُڙي تيار ٿيو: الهامگاهہ جي قربانگاهہ تي بہ هن سون مڙهيو.
23
۽ الهامگاهہ ۾ هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ ڪروبي جوڙايا، جي ڏهہ ڏهہ هٿ اوچا هئا.
24
۽ ڪروبي جو هڪڙو پر بہ پنج هٿ هو ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو: هڪڙي پر جي چهنبڙيءَ کان وٺي ٻئي پر جي چهنبڙيءَ تائين ڏهہ هٿ هئا.
25
۽ ٻيو ڪروبي بہ ڏهہ هٿ هو: ٻئي ڪروبي هڪڙيءَ ماپ ۽ هڪڙيءَ شڪل جا هئا.
26
هڪڙي ڪروبيءَ جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي ۽ ٻئي جي بہ اوتري هئي.
27
۽ هن اُهي ڪروبي اندرئين گهر منجهہ رکيا: ۽ ڪروبين جا پر کنڊريل هئا، اهڙيءَ طرح جو هڪڙي جو پر هڪڙيءَ ڀت کي ٿي لڳو، ۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر ٻيءَ ڀت کي ٿي لڳو؛ ۽ هنن جا پر گهر جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان لڳل هئا،
28
۽ هن ڪروبين تي بہ سون لڳايو.
29
۽ هن گهر جي چوڌاري سڀني ڀتين تي ڪروبين، ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اندران ٻاهران اُڪرائي ڇڏيون.
30
۽ گهر جي فرش تي بہ اندران ٻاهران هن سون مڙهايو.
31
۽ الهامگاهہ ۾ گهڙڻ جي لاءِ هن زيتون جي ڪاٺ جا دروازا جوڙايا: ۽ سردر ۽ درن جا چونڪ ڀت تي پنجين حصي جيترا هئا.
32
انهيءَ طرح هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ در جوڙايا؛ ۽ هن انهن تي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون اُڪريل شڪليون ڪڍائي ڇڏيون، ۽ انهن تي سون لڳايائين؛ ۽ هن ڪروبين تي، ۽ کجيءَ جي وڻن تي بہ سون پکيڙائي ڇڏيو.
33
ساڳيءَ طرح هن ڀت جي چوٿين حصي ۾ پاڪ جاءِ ۾ گهڙڻ لاءِ زيتون جي ڪاٺ مان درن جا چونڪ ٺهرايا؛
34
۽ صنوبر جا ٻہ در جوڙايائين؛ هڪڙي در جا ٻہ طاق هڪ ٻئي اندر پوندا هئا، ۽ ٻئي در جا ٻہ طاق بہ هڪ ٻئي اندر پوندا هئا.
35
۽ اُنهن تي هن ڪروبي، ۽ کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گل اُڪرايا: ۽ اُنهن تي هن سون چاڙهيو جو اُڪريل ڪم تي مڙهيل هو.
36
۽ هن اندريون ايوان ڇليل پٿرن جي ٽن قطارن سان، ۽ ديودار جي ڪامن جي هڪڙي قطار سان جوڙايو.
37
چوٿين سال، زيو جي مهيني ۾، خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.
38
۽ يارهين سال، بول جي مهيني ۾، جو اٺون مهينو آهي، سڀني پاسن کان، ۽ هر طرح جي ٺهرايل دستور موجب، گهر جُڙي تيار ٿيو. انهيءَ طرح هن ست ورهيہ اُهو پئي جوڙايو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22