bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Kings 4
1 Kings 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 5 →
1
۽ بادشاهہ سليمان ساري اسرائيل تي بادشاهہ هو.
2
۽ هن وٽ هي امير هوندا هئا؛ عزرياہ بن صدوق، ڪاهن؛
3
سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ احياہ جي منشي هئا؛ يهوسفط بن اخيلود، دفتردار؛
4
۽ بناياہ بن يهويدع، لشڪر جي مٿان هو؛ ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا؛
5
۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛
6
۽ اخيسر گهر جي ڪم ڪار جي مٿان هو؛ ۽ ادونرام بن عبدا ڀرتي ڪيل ماڻهن جي مٿان هو.
7
۽ سليمان جا ٻارهن عملدار ساري اسرائيل جي مٿان هوندا هئا، جي بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي لاءِ سرسات موجود ڪري ڏيندا هئا: هرهڪ سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سامان موجود ڪري ڏيندو هو.
8
۽ انهن جا نالا هي آهن: بن حور، افرائيم جي ڪوهستان ۾:
9
بن دقر، مقاض ۾، ۽ سعلبيم ۾، ۽ بيت شمس ۾، ۽ ايلون ۾، ۽ بيت حنان ۾:
10
بن حصد، اربوت ۾؛ شوڪ ۽ حفر جو سارو ملڪ هن جي علائقي ۾ هو:
11
بن ابينداب، دور جي ساري مٿانهين ملڪ ۾؛ سليمان جي ڌيءَ طافت انهيءَ جي زال هئي:
12
بعنہ بن اخيلود، تعناڪ ۽ مجدو ۾، ۽ سارو بيت شان، جو ضرتان جي پاسي ۾، يزرعيل جي هيٺان، بيت شان کان وٺي ابيل محولہ تائين، بلڪ يقمعام کان بہ پرتي ٿو وڃي، تنهن ۾:
13
بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا:
14
اخينداب بن عدو، محنايم ۾:
15
اخيمعض، نفتالي ۾؛ هن بہ سليمان جي ڌيءَ بسمت سان شادي ڪئي:
16
بعنہ بن حوسي، آشر ۽ علوت ۾:
17
يهوسفط بن فروح، اشڪار ۾:
18
سمعي بن ايلا، بنيمين ۾:
19
جبر بن اُوري، جلعاد جي زمين ۾، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ ۾؛ انهيءَ ملڪ ۾ اهو ئي هڪڙو عملدار هو.
20
يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.
21
۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.
22
۽ سليمان جي هڪڙي ڏينهن جي سرسات ٽيهہ ماڻ ميدي جا، ۽ سٺ ماڻ اٽي جا؛
23
ڏهہ پاليل ٿلها ڏاند، ۽ ويهہ ٻاهر جهنگ ۾ چرندڙ ڏاند، ۽ هڪ سؤ رڍون، تنهن کان سواءِ ڄانگها، ۽ هرڻ، ۽ چڪارا، ۽ پاليل ٿلها پکي.
24
ڇالاءِ جو فرات نديءَ جي هن ڀر تفسح کان وٺي غزہ تائين جيڪو ملڪ هو تنهن تي، ۽ فرات نديءَ جي هن ڀر جيڪي بادشاهہ هئا تن تي، هن جو حڪم هلندو هو: ۽ هن جي آس پاس سڀني پاسن ڏانهن صلح هو.
25
۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.
26
۽ سليمان وٽ سندس گاڏين جي لاءِ گهوڙن جون چاليهہ هزار ڪڙهيون هيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا.
27
۽ انهن عملدارن مان هرهڪ پنهنجي مهيني ۾ سليمان بادشاهہ جي لاءِ، ۽ جيڪي سليمان بادشاهہ جي دسترخاني تي ايندا هئا تن سڀني جي لاءِ، کاڌو موجود ٿي ڪيو: هنن ڪنهن بہ شيءِ جي گهٽتائي نہ ٿي ڪئي.
28
انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.
29
۽ خدا سليمان کي سياڻپ ۽ سمجهہ تمام گهڻي ڏني، ۽ سندس دل جي ڪشادگي اهڙي هئي جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.
30
۽ سليمان جي سياڻپ اُڀرندي جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان، ۽ مصر جي ساري سياڻپ کان وڌيڪ هئي.
31
ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان ڏاهو هو؛ ايتان ازراخي، ۽ هيمان، ۽ ڪل ڪول، ۽ دردع کان بہ، جي محول جا پٽ هئا؛ ۽ هن جي ناموس آس پاس وارين سڀني قومن ۾ هئي.
32
۽ هن ٽي هزار مثل چيا: ۽ هن جا گيت هڪ هزار ۽ پنج هئا.
33
۽ هن وڻن جو بيان ڏنو: ديودار، جو لبنان ۾ ٿئي ٿو تنهن کان وٺي زوفا، جو ڀتين مان ٿو اُڀري تنهن تائين: هن جانورن بابت، ۽ پکين بابت، ۽ سُرندڙن شين بابت، ۽ مڇين بابت بہ بيان ڏنو.
34
۽ سڀني قومن، ۽ زمين جي بادشاهن جن سليمان جي ڏاهپ جو ٻڌو هو، سي هن جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22