bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Kings 7
1 Kings 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 8 →
1
۽ سليمان پنهنجو گهر تيرهن ورهيہ پئي جوڙيو، نيٺ هن پنهنجو سڄو گهر پورو ڪيو.
2
ڇالاءِ جو هن لبنان جي ٻيلي وارو گهر جوڙيو؛ اُنهيءَ جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ، ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي، ۽ اُهو ديودار جي پيلپاون جي چئن قطارن تي بيٺل هو، ۽ پيلپاون جي مٿان ديودار جا شهتير رکيل هئا.
3
۽ جيڪي پنجيتاليهہ شهتير انهن پيلپاون تي رکيل هئا تن جي مٿان اُهو ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو؛ پندرهن پندرهن هرهڪ قطار ۾ هئا.
4
۽ درين جون ٽي قطارون هيون، ۽ ٽن صفن ۾ دريون هڪ ٻئي جي سامهون هيون.
5
۽ سڀ در ۽ چونڪ ڏسڻ ۾ چورس هئا: دريون هڪ ٻئي جي سامهون ٽن صفن ۾ هيون.
6
۽ هن پيلپاون جو هڪڙو ورانڊو جوڙيو، جنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ، ۽ ويڪر ٽيهہ هٿ هئي؛ ۽ هڪڙو ورانڊو انهن جي اڳيان هو؛ ۽ پيلپاوا ۽ ٿلها شهتير انهن جي اڳيان هئا.
7
۽ هن هڪڙو تخت جو ورانڊو جوڙيو، يعني عدالت جو ورانڊو، انهيءَ لاءِ تہ اتي ويهي عدالت ڪري: ۽ اُهو فرش کان ڇت تائين ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو.
8
۽ سندس رهڻ جو گهر، جو انهيءَ ورانڊي جي ٻئي ايوان ۾ هو، تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. هن فرعون جي ڌيءَ لاءِ (يعني سليمان جي زال لاءِ) بہ انهيءَ ورانڊي جهڙو گهر جوڙيو.
9
اهي سڀ قيمتي پٿرن جا هئا، يعني ٽُڪيل پٿرن جا، جي ماپ موجب اندران ۽ ٻاهران ڪاراين سان چيريل هئا، ۽ بنياد کان وٺي ڀتين جي چوٽيءَ تائين هئا، ۽ انهيءَ طرح ٻاهران وڏي ايوان تائين هليا ويا.
10
۽ بنياد قيمتي پٿرن جو هو، يعني وڏن پٿرن جو، ڏهن هٿن وارن ۽ اٺن هٿن وارن پٿرن جو.
11
۽ مٿان بہ قيمتي پٿر هئا يعني ٽُڪيل پٿر ماپ موجب، ۽ ديودار جو ڪاٺ.
12
۽ چوڌاري وڏي ايوان کي ٽُڪيل پٿرن جون ٽي قطارون هيون، ۽ هڪڙي قطار ديودار جي ڪامن جي هئي؛ جيئن ڪ خداوند جي گهر جو اندريون ايوان ۽ انهيءَ گهر جو ورانڊو هو.
13
۽ بادشاهہ سليمان حيرام کي صور مان گهرائي ورتو.
14
هو نفتالي جي فرقي جي هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ هن جو پيءُ صور جو هڪڙو رهاڪو هو، ۽ پتل جو ڪم ڪندڙ هو؛ ۽ هو پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ سياڻپ ۽ سمجهہ، ۽ هنرمنديءَ ۾ ماهر هو. ۽ هو سليمان وٽ آيو ۽ سندس سڀ ڪم ڪيائين.
15
ڇالاءِ جو هن پتل جا ٻہ پيلپاوا جوڙيا، جنهن مان هرهڪ ارڙهن هٿ اوچو هو: ۽ ٻارهن هٿن جو هڪڙو پٽو هرهڪ جي چوڌاري ويڙهيل هو.
16
۽ هن پلٽيل پتل جا ٻہ ڇٽ انهن پيلپاون جي چوٽين تي رکڻ لاءِ جوڙيا: هڪڙي ڇٽ جي اوچائي پنج هٿ هئي، ۽ ٻئي ڇٽ جي اوچائي بہ پنج هٿ هئي.
17
اُهي جيڪي ڇٽ پيلپاون جي چوٽين تي هئا تن جي لاءِ شبڪدار ڄاريون ۽ حلقيدار هار هئا؛ ست هڪڙي ڇٽ لاءِ ۽ ست ٻئي ڇٽ لاءِ.
18
انهيءَ طرح هن پيلپاوا جوڙيا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ وارن ڇٽن ڍڪڻ لاءِ هڪڙي شبڪدار ڄاريءَ جي مٿان چوڌاري ٻہ قطارون هيون؛ ٻئي ڇٽ لاءِ بہ اهڙيون ساڳيون هن جوڙيون.
19
۽ ورانڊي وارن پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن تي سوسن جو ڪم چئن هٿن جيترو هو.
20
انهيءَ شبڪدار ڄاريءَ جي پاسي ۾، پيٽ جي ويجهو، ٻن پيلپاون جي مٿان بہ ڇٽ هئا: ۽ انهيءَ ٻئي ڇٽ جي چوڌاري قطارن ۾ ٻہ سؤ ڏاڙهون هئا.
21
۽ هيڪل جي ورانڊي وٽ بہ هن پيلپاوا کڙا ڪيا: ۽ سڄي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو ياڪن رکيائين: ۽ کٻي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو بوعز رکيائين.
22
۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي سوسن جو ڪم ٿيل هو: انهيءَ طرح پيلپاون جو ڪم پورو ٿيو.
23
۽ هن هڪڙو پلٽيل سمنڊ جوڙيو، جو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين چوڌاري گولائيءَ ۾ ڏهہ هٿ هو، ۽ انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي. ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽيهن هٿن جو هڪڙو پٽو هو.
24
۽ انهيءَ جي ڪناري تي هيٺان چوڌاري ڏهن هٿن تائين لاٽون هئا، جي انهيءَ سمنڊ جي چوڌاري نڪتل هئا: اُهي ڇڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽجڻ وقت پلٽيا ويا هئا.
25
اهو سمنڊ ٻارهن ڏاندن تي بيٺل هو، ٽن جو رخ اُتر ڏي هو، ۽ ٽن جو الهندي، ۽ ٽن جو ڏکڻ، ۽ ٽن جو اُڀرندي ڏي هو: ۽ سمنڊ اُنهن جي مٿان رکيل هو، ۽ اُنهن جا پٺيان حصا اندر تي هئا.
26
۽ اُهو ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪنارو اهڙو جڙيل هو جهڙو ڪنهن پيالي جو ڪَنو، يا سوسن جو گل ٿيندو آهي: جنهن ۾ ٻہ هزار بٿ ٿي ماپيا.
27
۽ هن پتل جون ڏهہ گاڏيون جوڙيون؛ هر ڪنهن گاڏيءَ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر چار هٿ، ۽ اوچائي ٽي هٿ هئي.
28
۽ انهن گاڏين تي هن طرح جو ڪم ٿيل هو: انهن کي ڪنارا هئا؛ ۽ ڪنارا پٽڙين جي وچ ۾ هئا:
29
۽ اُنهن پٽڙين جي وچ وارن ڪنارن تي شينهن، ۽ ڏاند، ۽ ڪروبي هئا؛ ۽ پٽڙين جي مٿان هڪڙو پائو هو: ۽ شينهن ۽ ڏاندن جي هيٺان هٿ جا جوڙيل هار پئي لڙڪيا.
30
۽ هرهڪ گاڏيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ چار پتل جون سيخون هيون: ۽ انهيءَ جي چئن پيرن هيٺ ٽيڪون هيون: انهيءَ چلمچيءَ هيٺ پلٽيل ٽيڪون هيون، جن مان هرهڪ جي پاسي تي هار هئا.
31
۽ اُنهيءَ جو ڪنارو ڇٽ جي اندر ۽ مٿي هڪڙو هٿ هو: ۽ انهيءَ جو منهن گول هو، ۽ ڏيڍ هٿ هو، ۽ انهيءَ تي پائي جهڙو ڪم ٿيل هو: ۽ انهيءَ جي منهن تي بہ اُڪريل ڪم هو، ۽ انهن جا ڪنارا چورس هئا، گول نہ هئا.
32
۽ چار ڦيٿا انهن ڪنارن جي هيٺان هئا؛ ۽ اُنهن ڦيٿن جون ڌريون گاڏيءَ ۾ هيون: ۽ هرهڪ ڦيٿي جي اوچائي ڏيڍ هٿ هئي.
33
۽ اُنهن ڦيٿن تي اهڙو ڪم ٿيل هو جهڙو ڪنهن رٿ جي ڦيٿن تي ٿيندو آهي: انهن جون ڌريون، ۽ چڪرن جا ٽڪر، ۽ انهن جا آرا، ۽ انهن جا وچ جا ٽڪر، سڀ پلٽيل هئا.
34
۽ هرهڪ گاڏيءَ جي چئن ڪنڊن هيٺ ٽيڪون هيون: اهي ٽيڪون خود گاڏيءَ جون هيون.
35
۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ ۾ هڪڙو گول پٽو اڌ هٿ اوچو هو: ۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ تي انهيءَ جون ٽيڪون هيون، جنهن جا ڪنارا انهن منجهان نڪتل هئا.
36
۽ انهن جي ٽيڪن جي تختين تي، ۽ انهن جي ڪنارن تي هن ڪروبي، ۽ شينهن، ۽ کجيءَ جا وڻ، هرهڪ جي وٿيءَ آهر اُڪري ڪڍيا؛ ۽ انهن جي چوڌاري هار هئا.
37
انهيءَ طرح هن ڏهہ گاڏيون جوڙيون: سڀني جو هڪڙو سانچو، هڪڙي ماپ، ۽ هڪڙي شڪل هئي.
38
۽ هن ڏهہ چلمچيون پتل جون جوڙيون: هڪڙي هڪڙي چلمچيءَ ۾ چاليهہ بٿ ٿي ماپيا: ۽ هڪڙي هڪڙي چلمچي چار هٿ هئي: ۽ انهن ڏهن گاڏين مان هرهڪ جي مٿان هڪڙي چلمچي.
39
۽ هن پنج گاڏيون گهر جي سڄي هٿ پاسي رکيون، ۽ پنج گاڏيون گهر جي کٻي هٿ پاسي: ۽ هن اُهو سمنڊ گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏي، ڏکڻ ڏانهن رکيو.
40
۽ حيرام چلمچيون، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ جوڙيا. انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ سليمان جي لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو سڀ هن ڪري پورو ڪيو.
41
ٻہ پيلپاوا ڇٽن جا ۽ ٻہ پيالا، جي انهن پيلپاون جي مٿان هئا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ ٻہ شبڪدار ڄاريون؛
42
۽ ٻن شبڪدار ڄارين لاءِ چار سؤ ڏاڙهون؛ هرهڪ شبڪدار ڄاريءَ لاءِ ٻہ ڏاڙهن جون قطارون پيلپاون جي ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛
43
۽ ڏهہ گاڏيون ۽ گاڏين تي ڏهہ چلمچيون؛
44
۽ هڪڙو سمنڊ ۽ ٻارهن ڏاند سمنڊ هيٺ؛
45
۽ باسڻ، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ: يعني اهي سڀ باسڻ جي حيرام سليمان بادشاهہ جي لاءِ خداوند جي گهر ۾ جوڙيا، سي چمڪندڙ پتل جا هئا.
46
يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان جي وچ ۾ بادشاهہ چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين ۾ انهن کي پلٽايو.
47
۽ سليمان انهن سڀني باسڻن جي تور نہ ڪرائي، ڇالاءِ جو اُهي نهايت گهڻا هئا؛ پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگهي.
48
۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي بہ باسڻ هئا، سي سڀ سليمان جوڙايا: سوني قربانگاهہ، ۽ سون جي ميز، جنهن تي نذر جي پاڪ ماني رکبي آهي؛
49
۽ الهامگاهہ جي اڳيان پنج شمعدان خالص سون جا سڄي پاسي، ۽ پنج کٻي پاسي؛ ۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا، سون جا؛
50
۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.
51
انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22