bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Samuel 10
2 Samuel 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 11 →
1
۽ انهيءَ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
۽ دائود چيو تہ آءٌ ناحس جي پٽ حنون کي اهڙي مهرباني ڏيکاريندس جهڙي هن جي پيءُ مون کي ڏيکاري هئي. انهيءَ طرح دائود هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ پنهنجي نوڪرن جي هٿان معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ آيا.
3
پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟
4
تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن اڌ ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪري ڇڏيائين.
5
جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.
6
۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.
7
۽ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن يوآب کي، ۽ بهادرن جي ساري لشڪر کي ڏياري موڪليائين.
8
۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي، ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو ميدان تي اڪيلا هئا.
9
هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان توڙي پٺيان هو جنگ لاءِ صفون ٻڌي بيٺا آهن تڏهن هن اسرائيل جي سڀني مکيہ ماڻهن مان ڪي چونڊي ڪڍيا، ۽ اهي ارامين سان وڙهڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين:
10
باقي ٻيا سڀ ماڻهو هن پنهنجي ڀاءُ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ رکيا، ۽ انهن کي بني عمون سان سامهون ٿيڻ لاءِ تيار ڪري بيهاريائين.
11
۽ چيائين تہ جي ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا، تہ تون مون کي مدد ڏجانءِ: پر جي بني عمون توکان ڏاڍا ٿيا، تہ آءٌ اچي توکي مدد ڏيندس.
12
چڱي همت جهل تہ پنهنجي قوم لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.
13
تڏهن يوآب ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ارامين سان وڙهڻ لاءِ رڙهي ويجها ٿيا: ۽ هو سندن اڳيان اُٿي ڀڳا.
14
۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ ابيشيءَ جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب بني عمون وٽان موٽي يروشلم ۾ آيو.
15
۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي هٿان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن هو سڀ گڏ ٿيا.
16
۽ هدد عزر ماڻهو موڪلي، جيڪي ارامي فرات نديءَ جي هن ڀر هئا تن کي گهرائي ورتو: ۽ اهي حلام ۾ آيا، ۽ سوبڪ، جو هدد عزر جو سپهہ سالار هو، سو سندن مهندار ٿيو.
17
۽ ماڻهن دائود کي اها خبر رسائي؛ ۽ انهيءَ سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي حلام ۾ آيو. ۽ ارامي دائود جي سامهون صفون ٻڌي ساڻس وڙهيا.
18
نيٺ ارامي اسرائيل جي اڳيان ڀڄي ويا؛ ۽ دائود ارامين جا ست سؤ گاڏين وارا، ۽ چاليهہ هزار گهوڙي سوار قتل ڪيا، ۽ سندس سپهہ سالار سوبڪ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو اتي ئي مري ويو.
19
۽ جيڪي ٻيا بادشاهہ هدد عزر جا نوڪر هئا تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن تڏهن اسرائيل سان صلح ڪيائون، ۽ انهن جي ٻانهپ قبول ڪيائون. انهيءَ طرح ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24