bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Samuel 4
2 Samuel 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 5 →
1
۽ جڏهن سائول جي پٽ اشبوست ٻڌو تہ ابنير حبرون ۾ مري ويو آهي، تڏهن هن جا هٿ هيڻا ٿي پيا، ۽ سڀ اسرائيلي پريشانيءَ ۾ پيا.
2
۽ سائول جي پٽ اشبوست وٽ ٻہ ماڻهو هئا جي لشڪرن جا سردار هئا: هڪڙي جو نالو بعنہ هو ۽ ٻئي جو نالو ريڪاب هو، ٻئي رمون بيروتيءَ جا پٽ هئا، جو بنيمين مان هو: (ڇالاءِ جو بيروت بہ بنيمين جي شمار ۾ ٿو اچي:
3
۽ بيروتي جتيم ڏي ڀڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي ئي رهندا اچن:)
4
هاڻي سائول جي پٽ يونتن کي هڪڙو پٽ هو، جو منڊو هو. جڏهن سائول ۽ يونتن جي خبر يزرعيل مان آئي، تڏهن اهو پنجن ورهين جو هو، ۽ سندس دائي کيس کڻي اُٿي ڀڳي: ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هوءَ تڪڙي ٿي ڀڳي تيئن هو ڪري پيو، ۽ منڊو ٿي پيو، ۽ انهيءَ جو نالو مفيبوست هو.
5
هاڻي رمون بيروتيءَ جا پٽ ريڪاب ۽ بعنہ روانا ٿيا، ۽ ڏينهن تتي مهل جڏهن اشبوست ٻن پهرن جو آرام ۾ هو تڏهن سندس گهر آيا.
6
۽ اتي هو گهر جي وچ تائين هليا آيا، ڄڻ تہ ڪڻڪ وٺڻ آيا هئا: ۽ هن کي پيٽ ۾ ڌڪ هنيائون: پوءِ ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ ٻئي ڀڄي ويا.
7
هاڻي جڏهن اُهي گهر ۾ آيا، ۽ هو پنهنجي سمهڻ واريءَ جاءِ ۾ هنڌ تي سمهيو پيو هو، تڏهن هن کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون، ۽ هن جي سسي لاهي اها کڻي عرباہ وارو رستو ڏيئي هليا ويا، ۽ سڄي رات پنڌ ڪيائون.
8
۽ هنن اشبوست جي سسي دائود وٽ حبرون ۾ آندي، ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڏس اجها اشبوست جي سسي، جو تنهنجي دشمن سائول جو پٽ هو، جنهن توکي مارڻ ٿي گهريو؛ ۽ اڄ خداوند منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو وير سائول ۽ هن جي اولاد کان ورتو آهي.
9
۽ دائود رمون بيروتيءَ جي پٽن ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن منهنجي روح کي سڀني مصيبتن کان بچايو آهي،
10
تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ سائول مري ويو آهي، ۽ هن ڀانئيو ٿي تہ مون وٽ ڪا خوشخبري آندي اٿس، تڏهن مون هن کي پڪڙي صقلاج ۾ قتل ڪري ڇڏيو، ۽ سندس پيغام جو اهو ئي مون هن کي بدلو ڏنو.
11
تہ جڏهن ڪن شرير ماڻهن هڪڙي نيڪ ماڻهوءَ کي، خود سندس گهر ۾ پنهنجي هنڌ تي ماريو آهي، تڏهن ڪيترو نہ وڌيڪ آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان جي هٿان وٺان ۽ اوهان کي زمين تان کڻي ڇڏيان؟
12
۽ دائود پنهنجي جوان ماڻهن کي حڪم ڏنو ۽ انهن هنن کي قتل ڪيو، ۽ هنن جا هٿ پير وڍيائون، ۽ هنن کي حبرون جي ڍنڍ جي پاسي ۾ لٽڪائي ڇڏيائون. پر هنن اشبوست جي سسي کڻي حبرون ۾ ابنير جي قبر ۾ پوري ڇڏي.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24