bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Samuel 9
2 Samuel 9
Sindhi Bible
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 10 →
1
۽ دائود چيو تہ سائول جي گهراڻي مان ڪو اڃا رهيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي يونتن جي خاطر مهرباني ڏيکاريان؟
2
۽ سائول جي گهراڻي مان هڪڙو ٻانهو هو، جنهن جو نالو ضيبا هو، ۽ انهيءَ کي سڏي دائود وٽ آندائون؛ ۽ بادشاهہ انهيءَ کي چيو تہ تون ضيبا آهين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو اهو ئي آهي.
3
۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.
4
۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ اهو ڪٿي آهي؟ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو لودبار ۾، عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهر آهي.
5
تڏهن بادشاهہ دائود انهيءَ کي لودبار مان عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهران گهرائي ورتو.
6
۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.
7
۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.
8
۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟
9
تڏهن بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ جيڪا بہ سائول جي ۽ سندس گهراڻي جي ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي ڌڻيءَ جي پٽ کي ڏيئي ڇڏي آهي.
10
۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.
11
تڏهن ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪندو، ان موجب تنهنجو ٻانهو ڪندو. باقي مفيبوست جي نسبت ۾ بادشاهہ چيو تہ، هو بادشاهہ جي پٽن وانگر منهنجي دسترخاني تي کائيندو.
12
۽ مفيبوست کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو، ۽ جيڪي ماڻهو ضيبا جي گهر ۾ رهندا هئا سي مفيبوست جا نوڪر هئا.
13
انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24