bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Samuel 5
2 Samuel 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
1
تنهن کان پوءِ اسرائيل جا سڀ فرقا حبرون ۾ دائود وٽ اچي چوڻ لڳا تہ ڏس، اسين تنهنجو هڏ ۽ تنهنجو ماس آهيون.
2
گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جي مٿان بادشاهہ هوندو هو تڏهن تون ئي اسرائيل کي اندر ٻاهر وٺي ايندو هئين: ۽ خداوند توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي سنڀال ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين.
3
پوءِ اسرائيل جا سڀ بزرگ بادشاهہ وٽ حبرون ۾ آيا؛ ۽ بادشاهہ دائود هنن سان حبرون ۾ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو: ۽ هنن دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.
4
جڏهن دائود بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن هو ٽيهن سالن جو هو، ۽ هن چاليهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.
5
حبرون ۾ هن يهوداہ تي ست سال ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪئي، ۽ يروشلم ۾ اسرائيل ۽ يهوداہ تي هن ٽيٽيهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.
6
پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.
7
انهيءَ هوندي بہ دائود صيون جو قلعو ورتو؛ ۽ اهو ئي دائود جو شهر آهي.
8
۽ دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ جيڪو يبوسين کي ماريندو، سو ڀلي تہ چڙهي پاڻيءَ جي نهر تائين وڃي، ۽ انڌن ۽ منڊن کي ماري جي دائود جي روح کي ڌڪارين ٿا. تنهنڪري چوندا آهن تہ انڌا، ۽ منڊا موجود آهن، هو گهر ۾ اچي ڪين سگهندو.
9
۽ دائود انهيءَ قلعي ۾ رهندو هو، ۽ انهيءَ کي دائود جو شهر سڏيائون، ۽ دائود ملو کان وٺي اندر تائين چوڌاري گهر جوڙايا.
10
۽ دائود زور وٺندو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند لشڪرن جو خدا ساڻس هو.
11
۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو.
12
۽ دائود کي پڪ ٿي تہ خداوند مون کي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ۽ منهنجي بادشاهيءَ کي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر اعليٰ ڪيو اٿس.
13
جڏهن دائود حبرون مان آيو، تنهن کان پوءِ هن يروشلم مان پنهنجي لاءِ وڌيڪ سريتون ۽ زالون هٿ ڪيون: ۽ دائود کي پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.
14
جيڪي ٻار هن کي يروشلم ۾ ڄاوا تن جا نالا هي هئا؛ سموعہ، ۽ سوباب، ۽ ناتن، ۽ سليمان،
15
۽ ابحار، ۽ اليسوع، نفجہ، ۽ يفيع؛
16
۽ اليسمع، ۽ اليدع، ۽ اليفالط.
17
۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ چڙهي ويا، ۽ دائود اهو ٻڌي قلعي ۾ لهي ويو.
18
هاڻي فلستي اچي رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙي پيا.
19
۽ دائود خداوند کان صلاح پڇي تہ آءٌ فلستين سان وڙهڻ لاءِ چڙهي وڃان يا نہ؟ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندين يا نہ؟ تڏهن خداوند دائود کي چيو تہ ڀلي چڙهي وڃ: ڇالاءِ جو آءٌ بيشڪ فلستين کي تنهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.
20
۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.
21
۽ انهن پنهنجا بُت اتي ڇڏيا، جي دائود ۽ سندس ماڻهو کڻي ويا.
22
۽ فلستي وري بہ چڙهي آيا، ۽ رفائيم جي واديءَ ۾ پکڙجي ويا.
23
۽ جڏهن دائود خداوند کان صلاح پڇي تڏهن انهيءَ چيو تہ تون متان چڙهي وڃين: پر هنن جي چوڌاري ڦري توتن جي وڻن جي سامهون انهن جي مٿان ڪاهي اچي پئُہ.
24
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توتن جي وڻن جي مٿان هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن تون چُرجانءِ: ڇالاءِ جو انهيءَ وقت خداوند تنهنجي اڳيان فلستين کي مارڻ لاءِ نڪري هلندو.
25
۽ دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنس؛ ۽ جبع کان وٺي جزر ۾ پهچڻ تائين فلستين کي ماريندو رهيو.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24