bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ecclesiastes 1
Ecclesiastes 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 2 →
1
يروشلم جي بادشاهہ دائود جي پٽ واعظ جو ڪلام.
2
واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي.
3
ماڻهو سج هيٺان جيڪو پورهيو ٿو ڪري تنهن مان هن کي ڪهڙو فائدو آهي؟
4
هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي.
5
سج بہ اُڀري ٿو، ۽ سج وري لهي ٿو، ۽ جنهن هنڌان اُهو اُڀري ٿو، انهي هنڌ ڏانهن وري تڪڙو ٿي هلي ٿو.
6
واءُ ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ وري اُتر ڏانهن ڦري ٿو؛ اُهو پنهنجي دوري ۾ هميشہ پيو ڦري، ۽ واءُ وري پنهنجن گشتن تي موٽي ٿو.
7
سڀ نديون سمنڊ ۾ پون ٿيون، انهي هوندي بہ سمنڊ ڀرجي نٿو؛ جيڏانهن نديون وڃن ٿيون اوڏانهن وري پيون وڃن.
8
سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي.
9
جيڪي ٿي گذريو آهي سو اُهو آهي جو ٿيندو؛ ۽ جيڪي ڪيو ويو آهي سو اُهو آهي جو ڪيو ويندو: ۽ سج هيٺان ڪابہ نئين شيءِ ڪانهي.
10
اهڙي ڪا شيءِ بہ آهي جنهن جي نسبت ۾ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو هيءَ نئين شيءِ آهي؟ جيڪي زمانا اسان کان اڳي گذري ويا آهن تن ۾ اُها اڳيئي موجود هئي.
11
اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي.
12
آءٌ واعظ يروشلم ۾ اسرائيل جو بادشاهہ هوس.
13
۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن.
14
جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.
15
جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو.
16
مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ چيم تہ ڏس تہ يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳي ٿي گذاريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ مون ڏاهپ حاصل ڪئي آهي: هائو، عقل ۽ علم جو منهنجي دل کي وڏو آزمودو آهي.
17
۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.
18
ڇالاءِ جو گهڻي سياڻپ ۾ گهڻو ڏک آهي: ۽ جيڪو علم وڌائي ٿو سو ڏک وڌائي ٿو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12