bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ecclesiastes 12
Ecclesiastes 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
1
پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛
2
يا جڏهن سج، ۽ روشنائي، ۽ چنڊ، ۽ تارا، ڪارا ٿي ويندا، ۽ ڪڪر مينهن کان پوءِ موٽي ايندا:
3
جنهن ڏينهن گهر جا مالڪ ڏڪندا، ۽ زور ڀريا ماڻهو ڪنڌ جهڪائيندا، ۽ پيهڻ وارا ٿورن هئڻ ڪري بس ڪندا، ۽ درين مان ٻاهر نهارڻ وارا اونداهيءَ ۾ اچي ويندا،
4
۽ گهڻيئي در بند ٿي ويندا، جڏهن پيهڻ جو آواز ڍرو ٿيندو، ۽ ماڻهو پکيءَ جي ٻوليءَ تي اُٿندو، ۽ سڀ ڳائڻ واريون ڇوڪريون ضعيف ٿي وينديون؛
5
هائو جيڪو مٿي آهي تنهن کان هو ڊڄنديون، ۽ رستي ۾ خوف هوندا؛ ۽ بادام جو وڻ ٻور ڪندو، مڪڙ بار ٿي پوندا، ۽ ڪرڙ ۾ ڏونئرا نہ ٿيندا: ڇالاءِ جو ماڻهو پنهنجي مدامي گهر ڏانهن هليو ويندو، ۽ ماتم ڪندڙ گهٽين ۾ هيڏي هوڏي پيا گهمندا.
6
يا جڏهن چانديءَ جي ڏور ڍري ٿيندي، يا سونو پيالو ڀڄي پوندو، يا دلو چشمي تي ڀڄي پوندو، يا نار کوهہ تي ڀڄي پوندو؛
7
۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.
8
واعظ ٿو چوي تہ اها بيهودگين جي بيهودگي آهي؛ سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي.
9
۽ وڌيڪ هي بہ تہ واعظ ڏاهو هو تنهن ڪري هن هميشہ ماڻهن کي علم سيکاريو؛ هائو، هن خيال ڪيو ۽ ڳولي ڪڍيائين، ۽ گهڻا ئي پهاڪا ترتيب وار بيهاريائين.
10
واعظ ڪوشش ڪري پسنديءَ جهڙيون ڳالهيون، ۽ جيڪي سچيءَ طرح لکيل هو، يعني سچ جون ڳالهيون ڳولي لڌيون.
11
ڏاهي جون ڳالهيون ٻلهين وانگر آهن، ۽ جماعتن جي اُستادن جون ڳالهيون مضبوط لڳل ڪلين جهڙيون آهن، جي هڪڙي ڌنار جون ڏنل آهن.
12
۽ ٻيو هي بہ تہ اي منهنجا پٽ، نصيحت وٺ: گهڻن ڪتابن لکڻ جي حد ئي ڪانهي: ۽ گهڻو پڙهڻ ماڻهوءَ کي ٿڪايو ڇڏي.
13
ڳالهہ جي پڇاڙي اها آهي: سڀ مقرر ٿي ويو آهي: خدا کان ڊڄ، ۽ انجا حڪم مڃ، ڇالاءِ جو انسان جو سمورو فرض اهو آهي.
14
ڇالاءِ جو خدا سڀڪو ڪم، سڀ ڪنهن چڱي يا بڇڙي لڪل ڳالهہ سان گڏ عدالت ۾ آڻيندو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12