bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ecclesiastes 11
Ecclesiastes 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 12 →
1
پنهنجي ماني پاڻيءَ تي اُڇلائي وجهہ: ڇالاءِ جو گهڻن ڏينهن کان پوءِ اُها تون لهندين.
2
حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.
3
جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو.
4
جيڪو واءُ لاءِ ويٺو نهاريندو اُهو ٻج نہ پوکيندو؛ ۽ جيڪو ڪڪرن ڏانهن ڌيان ڏيندو سو لڻندو ڪين.
5
جيئن توکي اها خبر ڪانهي تہ واءُ جو رخ ڪهڙو آهي، ۽ نہ اها تہ پيٽ واري زال جي پيٽ ۾ هڏا ڪيئن ٿا وڌن: تيئن توکي خدا جي ڪم جي بہ خبر ڪانهي، جو سڀ ڪجهہ ٿو ڪري.
6
صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.
7
سچ آهي تہ روشنائي مٺي آهي، ۽ سج کي ڏسڻ اکين جي لاءِ وڻندڙ ڳالهہ آهي.
8
هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهڻا سال جيئرو رهي تہ ڀلي هو انهن سڀني ۾ خوشي ڪري، پر هن کي اونداهيءَ جا ڏينهن ياد رکڻ کپن، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا ٿيندا، جيڪي اچي ٿو سو سڀ بيهودگي آهي.
9
اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.
10
تنهن ڪري پنهنجي دل مان ڏک ڪڍي ڇڏ، ۽ پنهنجي جسم مان بڇڙائي ڪڍي ڦٽي ڪر: ڇالاءِ جو جوانيءَ ۽ حياتيءَ جو ڦوهہ بيهودگي آهي.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12