bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ecclesiastes 6
Ecclesiastes 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 7 →
1
هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، ۽ اُها ماڻهن تي ڳري آهي:
2
ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا مال، ۽ دولت، ۽ عزت ڏني آهي، ايتري قدر جو جيڪي هن جي دل گهري ٿي تنهن مان ڪنهن بہ شيءِ جي هن کي ڪمي ڪانهي، انهي هوندي بہ خدا هن کي اها طاقت نٿو ڏئي تہ انهي مان کائي، ۽ هڪڙو ڌاريو ماڻهو اُهو کائي ٿو. اها بيهودگي آهي، ۽ اهو هڪڙو خراب مرض آهي.
3
جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:
4
ڇالاءِ جو اهو بيهودو ٿو اچي، ۽ اونداهيءَ ۾ هليو وڃي، ۽ انهي جو نالو اونداهيءَ ۾ ڍڪجيو وڃي؛
5
تنهن کان سواءِ هن سج نہ ڏٺو آهي، ۽ نہ انهي جي خبر پيئي اٿس؛ انهي کي هن ٻئي کان وري بہ آرام آهي:
6
هائو، جيتوڻيڪ اهو ٻہ ڀيرا هزار سال جيئي، تہ بہ هن ڪا خوشي نہ ڏٺي: سڀيئي هڪڙي هنڌ نٿا وڃن ڇا؟
7
ماڻهوءَ جي سڀ محنت پنهنجي پيٽ لاءِ آهي، انهي هوندي بہ هن جي اشتها پوري نٿي ٿئي.
8
ڇالاءِ جو ڏاهي کي بي عقل کان وڌيڪ ڪهڙو فائدو آهي؟ يا انهي غريب ماڻهوءَ وٽ ٻيو ڇا آهي، جو جيئرن جي اڳيان هلي ٿو ڄاڻي؟
9
اکين جي نظر خواهش جي گهمڻ کان بهتر آهي: اها بہ بيهودگي آهي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.
10
جيڪي بہ ٿي گذريو آهي، انهي جو نالو گهڻو وقت اڳي ڏنو ويو هو، ۽ معلوم آهي تہ اُهو آدم آهي: ۽ جيڪو هن کان وڌيڪ زور وارو آهي تنهن سان هو وڙهي ڪين سگهندو.
11
جڏهن ظاهر آهي تہ گهڻيون ئي شيون آهن، جي بيهودگي وڌائين ٿيو، تڏهن انسان کي ڪهڙو فائدو آهي؟
12
ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12